اسلام آباد- 27 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب، وزيراعظم جي ايڪسيس ٽو فنانس پلان 28-2026ع تي تيز رفتار عملدرآمد لاءِ قائم مالياتي رسائيءَ بابت اسٽيئرنگ ڪميٽيءَ جي پهرئين اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ ننڍن ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن، زراعت، آءِ ٽي، روانگي واپار، تجديد جوڳي توانائي ۽ هائوسنگ سميت ترجيحي شعبن لاءِ سستي ۽ آسان مالي سهولت جي فراهميءَ کي يقيني …
ناڻي واري وفاقي وزير جي صدارت هيٺ مالياتي رسائي جي اسٽيئرنگ ڪميٽيءَ جو پهريون اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد- 27 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب، وزيراعظم جي ايڪسيس ٽو فنانس پلان 28-2026ع تي تيز رفتار عملدرآمد لاءِ قائم مالياتي رسائيءَ بابت اسٽيئرنگ ڪميٽيءَ جي پهرئين اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ ننڍن ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن، زراعت، آءِ ٽي، روانگي واپار، تجديد جوڳي توانائي ۽ هائوسنگ سميت ترجيحي شعبن لاءِ سستي ۽ آسان مالي سهولت جي فراهميءَ کي يقيني بنائڻ لاءِ قدمن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ هڪ جامع بريفنگ پيش ڪئي وئي جنهن ۾ تجويز ڪيل گورننس ڍانچي، مخصوص هدفن ۽ عملدرآمد جي مختلف مرحلن سميت مالي شموليت کي هتي وٺرائڻ ۽ ترجيحي شعبن لاءِ رعايتي قرضن تائين رسائي وڌائڻ جي قدمن تي تفصيلي روشني وڌي وئي. ڪميٽيءَ کي ايس ايم اِي فنانس ذيلي ڪميٽي جي اڳڀرائيءَ کان به آگاهه ڪيو ويو جڏهن ته حڪومت جي اهم مالياتي پروگرامن جن ۾ زرخيز (آسان زرعي قرضن)، پنهنجو گهر اسڪيم۽ پاڪستان ايڪسلريٽڊ وهيڪل اليڪٽريفڪيشن شامل آهن، تي اڳڀرائيءَ جو جائزو ورتو ويو. منصوبي جو مقصد عوام کي گهٽ لاڳت، اليڪٽرڪ بائيڪس ۽ اِي رڪشائن جي فراهميءَ ذريعي ماحول دوست ٽرانسپورٽ طرف منتقل ڪرڻ آهي. اجلاس ۾ تجويز ڪيل ٽن سطحي گورننس فريم ورڪ تي به غور ڪيو ويو، جنهن تحت وزيراعظم کي ماهوار اڳڀرائيءَ جي رپورٽ پيش ڪئي ويندي. ناڻي واري وزير جي سربراهيءَ اسٽيئرنگ ڪميٽي هر 15 ڏينهن کان پوءِ اسٽريٽجڪ جائزو وٺندي، جڏهن ته مختلف شعبن جون ذيلي ڪميٽيون هفتيوار بنيادن تي اڳڀرائي تي جائزو وٺنديون. اجلاس ۾ رپورٽنگ جي تجويز ڪيل نظام، ريزولوشن ٽارگيٽ ڊيٽس، منظم اسڪيليشن مڪينزم ۽ باقاعدي اڳڀرائي رپورٽن ذريعي جوابدهي ۽ مؤثر نگرانيءَ کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ناڻي واري وزير اڳڀرائيءَ جي نگرانيءَ لاءِ هڪ جامع ڊيش بورڊ جي تياريءَ جي ضرورت تي زور ڀريو. سينيٽر محمد اورنگزيب چيو ته اسٽيئرنگ ڪميٽي حڪمت عملي، پاليسي هم آهنگي ۽ اڳڀرائيءَ جي نگرانيءَ جو مرڪزي فورم هوندي جيڪا وقت سر فيصلن، مختلف ادارن وچ ۾ تعاون ۽ عملدرآمد ۾ درپيش رڪاوٽن جي حل ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. هن چيو ته ڪميٽيءَ کي ماپي سگهجندڙ نتيجن تي ڌيان ڏيڻ ۽ مالياتي رسائيءَ بابت پاليسي ۽ انتظامي مسئلن جي حل کي يقيني بڻائڻ گهرجي. اجلاس ۾ حڪومت جي نمايان مالياتي پروگرامن جي اڳڀرائي جو به جائزو ورتو ويو. زرخيز (آسان زرعي قرض) پروگرام تحت درخواستون، منظوريون ۽ قرضن جي ورڇ جي رجحانن تي غور ڪيو ويو، جڏهن ته پنهنجو گهر اسڪيم۽ PAVE منصوبي تحت ملندڙ درخواستون، منظوريون، قرضن جي فراهمي ۽ درپيش عملي چئلينجز جو به تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ايس ايم اِي فنانسنگ جي قومي هدفن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جن ۾ بئنڪاري شعبي ۾ ايس ايم اِي قرضن جي ڳاڻيٽي ۽ تناسب ۾ واڌ، فعال ايس ايم اِي قرض وٺندڙن جي تعداد ۾ نمايان واڌ ۽ نتيجن تي ٻَڌل نگرانيءَ جي نظام کي هٿي ڏيڻ شامل آهي. شرڪت ڪندڙن کي ايس ايم اِي ڪريڊٽ اسڪورنگ، اوپن بئنڪنگ فريم ورڪ، ايس ايم اِي ڊجيٽل پورٽل، ڪريڊٽ بيوروز سان انضمام ۽ اهم ويليو چينز لاءِ مالياتي سهولتن کي مضبوط بنائڻ بابت سڌارا جاتي قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. ناڻي واري وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ايڪسيس ٽو فنانس جي ڪامياب مؤثر عملدرآمد، واضح جوابدهي ۽ ادارا جاتي تعاون سان مشروط آهي. هن چيو ته مقرر هدفن ۽ ٽائيم لائنز تي سختيءَ سان عمل، مختلف ادارن وچ ۾ مؤثر هم آهنگي ۽ ڊيٽا تي ٻَڌل ڪارڪردگيءَ جي مسلسل نگراني اڻٽر آهي. هن چيو ته اسٽيئرنگ ڪميٽي سڌارا جاتي عمل کي تيز رکڻ، عملدرآمد ۾ موجود رڪاوٽن کي دُور ڪرڻ ۽ منصوبي جي هدفن جي حاصلات ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي.











