اسلام آباد- 27 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت نوجوان پيشيور ماڻهن کي قومي ترقيءَ ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ وڌيڪ موقعا فراهم ڪندي رهندي. اهڙو اظهار هن سومر ڏينهن رٿابندي واري وزارت جي انتظام هيٺ جاري اُڏام اوورسيز پاڪستاني سمر اسڪالرز پروگرام جي شرڪت ڪندڙن سان هڪ خصوصي ويهڪ ۾ ڪيو. هي ڇهن هفتن تي ٻَڌل انٽرنشپ …
ناڻي واري وزير جو اُڏام اوورسيز پاڪستاني سمر اسڪالرز پروگرام جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب، معاشي سڌارن ۽ پاڪستان جي مستقبل جو روڊ ميپ پيش

مزید خبریں
اسلام آباد- 27 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت نوجوان پيشيور ماڻهن کي قومي ترقيءَ ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ وڌيڪ موقعا فراهم ڪندي رهندي. اهڙو اظهار هن سومر ڏينهن رٿابندي واري وزارت جي انتظام هيٺ جاري اُڏام اوورسيز پاڪستاني سمر اسڪالرز پروگرام جي شرڪت ڪندڙن سان هڪ خصوصي ويهڪ ۾ ڪيو. هي ڇهن هفتن تي ٻَڌل انٽرنشپ پروگرام دنيا جي ناليوارين يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪندڙ سمنڊ پار پاڪستاني شاگردن ۽ نوجوان محققن کي پاڪستان جي سرڪاري ادارن سان منسلڪ ٿيڻ ۽ پنهنجي تعليم، تحقيق ۽ عالمي تجربي کي قومي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ ڪتب آڻڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو. وفاقي وزير شرڪت ڪندڙن جو ناڻي واري وزارت ۾ آجيان ڪندي ان پروگرام کي پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني نوجوانن جي صلاحيتن کي وطن سان جوڙڻ جي هڪ اهم ڪوشش قرار ڏنو. هن نوجوان اسڪالرز تي زور ڀريو ته هو پاڪستان سان پنهنجو تعلق مضبوط رکن ۽ پنهنجي علم، جدت ۽ عالمي تجربي کي ملڪ جي ڊگهي مُدي جي معاشي ترقيءَ ۾ مثبت ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪن. ناڻي واري وزير پاڪستان جي موجوده معاشي صورتحال ۽ حڪومت جي سڌارا جاتي ايجنڊا تي روشني وڌي. هن چيو ته گذريل اڍائي سالن ۾ حڪومت معاشي استحڪام حاصل ڪرڻ لاءِ نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي، هاڻي توجهه پائيدار اقتصادي ترقيءَ تي آهي جنهن لاءِ روانگي واپار ۾ واڌ، سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ، مالياتي نظم و ضبط ۽ سڌارن کي ترجيح ڏني پئي وڃي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته نجي شعبي جي اڳواڻيءَ ۾ اقتصادي ترقيءَ لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ حڪومت جي معاشي حڪمت عمليءَ جو بنيادي ٿنڀ آهي. ناڻي واري وزير پاڪستان جي خودمختيار ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ هاڻوڪي بهتري ۽ عالمي مالياتي مارڪيٽن سان وڌندڙ رابطن جو به ذڪر ڪيو. هن پاڪستان جي عالمي سرمائي جي مارڪيٽ ۾ ڪامياب واپسي خاص ڪري پهرين پانڊا بانڊ جاري ڪرڻ کي هڪ اهم سنگ ميل قرار ڏيندي ٻُڌايو ته حڪومت جديد مالياتي ذريعن ذريعي سيڙپڪاري ۽ مالي وسيلن جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ تي ڪم ڪري رهي آهي. سندس چوڻ هو ته اها اڳڀرائي پاڪستان جي معاشي رُخ ۽ سڌارا جاتي پروگرام تي عالمي اعتماد جو واضح اظهار آهي. هن شرڪت ڪندڙن کي ڊجيٽل معيشت کي هٿي ڏيڻ لاءِ حڪومت جي قدمن کان به آگاهه ڪيو ۽ ٻُڌايو ته پاڪستان ورچوئل اثاثا ريگيوليٽري اٿارٽي جي قيام جو مقصد ڊجيٽل اثاثن لاءِ جديد ۽ مؤثر ضابطه جاتي نظام قائم ڪرڻ آهي جيڪو ذميواراڻي جدت، مؤثر نگراني ۽ ڊجيٽل مالياتي شعبي ۾ اُڀرندڙ موقعن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ ممڪن بڻائيندو. وفاقي وزير ڪاروباري ماحول کي بهتر بڻائڻ لاءِ حڪومت جي پاليسين جو ذڪر ڪندي چيو ته ٽيڪس نظام ۾ سڌارا، سستي مالياتي سهولتن، چٽاڀيٽي توانائي اگهن ۽ روانگي واپار جي چٽاڀيٽي وڌائڻ جي قدمن ذريعي ڪاروبار جي لاڳت ۾ گهٽتائي آڻي رهي آهي. هن چيو ته پيداواري صلاحيت ۽ روانگي واپار ۾ جدت ئي پاڪستان جي چٽاڀيٽي وڌائڻ ۽ پائيدار اقتصادي ترقيءَ کي يقيني بڻائڻ جو بنياد آهن. ويهڪ جي پڄاڻيءَ تي سوالن جوابن جو سيشن ٿيو. شرڪت ڪندڙن معاشي سڌارن، روانگي واپار کي هٿي ڏيڻ، موسمياتي ماليات ۽ سيڙپڪاريءَ جي موقعن سميت مختلف موضوعن تي ناڻي واري وزير سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ناڻي واري وزير نوجوان اسڪالرز تي زور ڀريو ته هو پنهنجي تعليم، تحقيق ۽ عالمي تجربن کي پاڪستان جي معاشي تبديليءَ ۾ مؤثر انداز ۾ ڪتب آڻين ۽ ان عزم کي ورجايو ته حڪومت نوجوان پيشيور ماڻهن کي قومي ترقيءَ ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ وڌيڪ موقعا فراهم ڪندي رهندي.











