وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ جي صدارت هيٺ نيشنل انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ بابت جاري هدايتن تي جو جائزو وٺڻ ۽ ان جي آڊٽ لاءِ قائم ڪميٽيءَ جو اجلاس

 اسلام آباد- 27 جولاءِ (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ وزيراعظم جي هدايت تي نيشنل انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ بابت جاري هدايتن جو جائزو وٺڻ ۽ ان جي آڊٽ لاءِ قائم ڪميٽيءَ جي پهرئين اجلاس جي صدارت ڪئي. سومر ڏينهن موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وزارت مان جاري بيان موجب اجلاس ۾ وفاقي وزير شزه فاطمه، سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۽ …

 اسلام آباد- 27 جولاءِ (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ وزيراعظم جي هدايت تي نيشنل انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ بابت جاري هدايتن جو جائزو وٺڻ ۽ ان جي آڊٽ لاءِ قائم ڪميٽيءَ جي پهرئين اجلاس جي صدارت ڪئي. سومر ڏينهن موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وزارت مان جاري بيان موجب اجلاس ۾ وفاقي وزير شزه فاطمه، سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران ڪميٽي وفاقي وزير کي اين آءِ ٽي بي جي معاملن جي ڪارڪردگي، اداري جي سگهه ۾ واڌ، نظام کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ ۽ آپريشنل معاملن کي بهتر بڻائڻ ۾ منظم ڪرڻ لاءِ وزيراعظم طرفان جاري ڪيل 27 هدايتن تي عملدرآمد جي اڳڀرائيءَ کان آگاهه ڪيو. اجلاس ۾ اين آءِ ٽي بي جي ڪارڪردگيءَ کي وڌيڪ بهتر بنائڻ، ادارا جاتي معاملن کي مؤثر انداز ۾ منظم ڪرڻ ۽ وزيراعظم جي هدايت تي وقت سر ۽ مؤثر عملدرآمد يقيني بڻائڻ لاءِ مختلف قدمن جو به جائزو ورتو ويو. ڪميٽي ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ٻيهر اجلاس منعقد ڪندي، جنهن ۾ هدايتن تي عملدرآمد جي اڳڀرائيءَ جو جائزو ورتو ويندو ۽ آئينده جي لائحه عمل تي غور ڪيو ويندو.

مزید خبریں