اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري پاران نديم افضل چن ۽ سعيد غني جا الزام حقيقتن جي ابتڙ، بي بنياد ۽ سياسي مايوسي جو مظهر قرار

راولپنڊي - 27 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻن نديم افضل چن ۽ سعيد غني جي گڏيل پريس ڪانفرنس کي حقيقتن جي ابتڙ، بي بنياد الزامن ۽ سياسي مايوسي جو مظهر قرار ڏنو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت عوامي خدمت، ترقياتي منصوبن ۽ معاشي استحڪام تي يقين رکي ٿي، نديم افضل …

راولپنڊي – 27 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻن نديم افضل چن ۽ سعيد غني جي گڏيل پريس ڪانفرنس کي حقيقتن جي ابتڙ، بي بنياد الزامن ۽ سياسي مايوسي جو مظهر قرار ڏنو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت عوامي خدمت، ترقياتي منصوبن ۽ معاشي استحڪام تي يقين رکي ٿي، نديم افضل چن پاران حڪومتي ڪارڪردگي، گرين بس منصوبي، ڪڻڪ، سانوڻي جي برساتن ۽ ٻين معاملن تي هنيل الزام بي بنياد ۽ سياسي پوائنٽ اسڪورنگ کانسواءِ ڪجه نه آهن. بئريسٽر دانيال چوڌري چيو ته پيپلزپارٽي پنهنجي سياسي ناڪامين جو ملبو ٻين تي وجهڻ بدران پنهنجي ڪارڪردگي جو جائزو وٺي. هن سعيد غني پاران مسلم ليگ (ن) جي اميدوار تي فائرنگ جي الزام کي رد ڪندي چيو ته ڪارڪن مختيار يونس جي فوت ٿيڻ تي دلي افسوس آهي ۽ گهرڀاتين سان تعزيت ڪريون ٿا. هن واضح ڪيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جون چونڊون آئين ۽ قانون موجب آزاد، منصفانيون ۽ شفاف انداز ۾ ٿيون آهن، شڪست جي خدشي سبب وقت کان اڳ ڌانڌلي جو گوڙ ڪرڻ پيپلزپارٽي جي پراڻي روايت آهي. وفاقي پارلياماني سيڪريٽري چيو ته پنجاب جي وزيراعلى مريم نواز شريف جي قيادت ۾ پنجاب حڪومت عوامي ڀلائي جي منصوبن تي تيزي سان عمل پيرا آهي، گرين بس منصوبو شهرين کي جديد، محفوظ، باوقار ۽ ماحول دوست سفري سهولتون فراهم ڪري رهيو آهي ۽ روزانو هزارين ماڻهو ان مان فائدو کڻي رهيا آهن، اهڙن منصوبن کي سياسي تنقيد جو نشانو بڻائڻ عوامي مفاد جي خلاف آهي. هن چيو ته پنجاب جي سرڪاري اسڪولن ۾ سهولتون نه هجڻ جو تاثر صحيح نه آهي، حڪومت اسڪولن جي انفراسٽرڪچر، فرنيچر، آءِ ٽي ليبز، سمارٽ ڪلاس رومز ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي فراهمي جي لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي جن جا مثبت نتيجا سامهون اچي رهيا آهن. بئريسٽر دانيال چوڌري نديم افصل چن جي ان الزام کي به رد ڪيو ته پنجاب حڪومت جي اولين ترجيح زراعت نه آهي ۽  آبادگارن کان ڪڻڪ خريد ڪرڻ بدران درآمد جو فيصلو ڪيو ويو. سندس چوڻ هو ته قومي معاملن بابت سمورا فيصلا آئين، قانون ۽ شفافيت موجب ڪيا پيا وڃن. هن سانوڻي جي برساتن دوران اڌ پنجاب ٻڏي وڃڻ جي الزام کي پڻ بي بنياد قرار ڏنو ۽ چيو ته وزيراعلى مريم نواز جي هدايت تي پنجاب حڪومت وقت سر قدم کنيا ۽ متاثر علائقن مان ٻن کان ٽن ڪلاڪن جي اندر برسات جو پاڻي ڪڍيو ويو. وفاقي پارلياماني سيڪريٽري چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ وفاقي حڪومت معيشت جي استحڪام، مهانگائي ۾ گهٽتائي، سيڙپڪاري جي فروغ ۽ عوامي ريليف جي لاءِ موثر قدم کنيا آهن.

مزید خبریں