عوام کي بهتر ۽ آسان خدمتن جي فراهمي جي عزم تحت پرڏيهي وزارت قونصلر سروسز جي لاءِ شام جي شفٽ جي شروعات ڪئي آهي: نائب وزيراعظم اسحاق ڊار

اسلام آباد - 27 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته عوام کي بهتر ۽ آسان خدمتن جي فراهمي جي عزم تحت پرڏيهي وزارت قونصلر سروسز جي لاءِ شام جي شفٽ جي شروعات ڪئي آهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي سومر ڏينهن پنهنجي پيغام ۾ سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته پرڏيهي وزارت جي ان قدم کانپوءِ شهري هاڻي …

اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته عوام کي بهتر ۽ آسان خدمتن جي فراهمي جي عزم تحت پرڏيهي وزارت قونصلر سروسز جي لاءِ شام جي شفٽ جي شروعات ڪئي آهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي سومر ڏينهن پنهنجي پيغام ۾ سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته پرڏيهي وزارت جي ان قدم کانپوءِ شهري هاڻي سومر کان جمعي تائين صبح 8 وڳي کان رات 8 وڳي تائين قونصلر خدمتون حاصل ڪري سگهندا جنهن سان خدمتون وڌيڪ پهچ جوڳيون، آسان ۽ موثر بڻجي وينديون. پرڏيهي وزارت موجب نئين وقتن جا تفصيل عوامي نوٽيس ۾ فراهم ڪيا ويا آهن. 27 جولاءِ 2026ع کان ٻن هفتن جي لاءِ آزمائشي بنيادن تي شام جي شفٽ شروع ڪئي وئي آهي، سومر کان خميس صبح جي شفٽ ٽوڪن جاري ڪرڻ جي لاءِ صبح 8 کان 12 وڳي جڏهن ته شام جي شفٽ ٽوڪن جاري ڪرڻ جي لاءِ ٽپهر 3 کان شام ساڍي 5 وڳي تائين هوندي جڏهن ته جمعي تي صبح 8 کان 11 جڏهن ته شام جي شفٽ ٽپهر 3 کان شام 5 وڳي تائين هوندي.

مزید خبریں