سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 4000 رپين جي واڌ رڪارڊ

اسلام آباد- 27 جولاءِ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 4000 رپين جي واڌ سان في تولو سون 4 لک 31 هزار 736 رپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب سومر ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 4 هزار رپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 31 هزار 7 سئو 36 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 3430 رپين جي …

اسلام آباد- 27 جولاءِ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 4000 رپين جي واڌ سان في تولو سون 4 لک 31 هزار 736 رپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب سومر ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 4 هزار رپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 31 هزار 7 سئو 36 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 3430 رپين جي واڌ کانپوءِ 3 لک 66 هزار 714 رپين مان وڌي 3 لک 70 هزار 144 رپيا ٿي وئي، جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 36 هزار 166 رپين مان وڌي 3 لک 39 هزار 311 رپيا ٿي وئي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن رپورٽ ڪئي ته في تولو چانديءَ جي قيمت 100 رپين جي واڌ کانپوءِ 6397 رپيا ۽ 10 گرام چانديءَ جي قيمت 86 رپين جي واڌ کانپوءِ 5484 رپيا ٿي وئي. ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 4053 ڊالر مان وڌي 4093 ڊالر ٿي وئي.

مزید خبریں