گلوبل ڊولپمينٽ انيشي ايٽو جي پنجين سالگره جي اعليٰ سطح جي ڪانفرنس 28 جولاءِ تي بيجنگ ۾ ٿيندي

بيجنگ- 27 جولاءِ (اي پي پي) گلوبل ڊولپمينٽ انيشي ايٽو جي شروعات جي پنجين سالگره جي موقعي تي اعليٰ سطح جي ڪانفرنس 28 جولاءِ تي بيجنگ ۾ منعقد ٿيندي، جنهن ۾ چيني پرڏيهي وزير وانگ اي شرڪت ۽ خطاب ڪندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته ڪانفرنس جو موضوع گلوبل ڊولپمنٽ انيشي ايٽو جي پنجين سالگره، پائيدار ترقي جي روشن مستقبل طرف هڪ نئين اڳڀرائي آهي. …

بيجنگ- 27 جولاءِ (اي پي پي) گلوبل ڊولپمينٽ انيشي ايٽو جي شروعات جي پنجين سالگره جي موقعي تي اعليٰ سطح جي ڪانفرنس 28 جولاءِ تي بيجنگ ۾ منعقد ٿيندي، جنهن ۾ چيني پرڏيهي وزير وانگ اي شرڪت ۽ خطاب ڪندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته ڪانفرنس جو موضوع گلوبل ڊولپمنٽ انيشي ايٽو جي پنجين سالگره، پائيدار ترقي جي روشن مستقبل طرف هڪ نئين اڳڀرائي آهي. ڪانفرنس ۾ گڏيل قومن جا اعليٰ نمائندا، گلوبل ڊولپمينٽ انيشي ايٽو فرينڊز گروپ جي ميمبر ملڪن جا چين ۾ مقرر سفارتڪار، چين ۾ گڏيل قومن جي ترقياتي نظام جي ادارن جي نمائندن، ناليوارن ماهرن ۽ دانشورن سميت چين ۽ ٻين ملڪن سان لاڳاپيل اهم شخصيتون شرڪت ڪنديون. شرڪت ڪندڙ ڪانفرنس دوران گلوبل ڊولپمينٽ انيشي ايٽو تي عملدرآمد جي اڳڀرائي، مستقبل ۾ سهڪار جي اهم شعبن ۽ عالمي ترقي ۾ انهن قدمن جي خدمتن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا.

مزید خبریں