اسلام آباد- 27 جولاءِ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان اسلام آباد چيمبر آف اسمال ٽريڊرز اينڊ اسمال انڊسٽريز جي وفد سومر ڏينهن ملاقات ڪئي. واپار واري وزارت جي ترجمان مطابق ملاقات ۾ ايس ايم ايز، ٽيڪس سڌارن، صنعتي بنيادي ڍانچي ۽ ڪاروباري آسانين تي ڳالهيون ڪيون. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته حڪومت ايس ايم ايز کي هٿي ڏيڻ ۽ صنعت ڪاري لاءِ …
وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان اسلام آباد چيمبر آف اسمال ٽريڊرز اينڊ اسمال انڊسٽريز جي وفد جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد- 27 جولاءِ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان اسلام آباد چيمبر آف اسمال ٽريڊرز اينڊ اسمال انڊسٽريز جي وفد سومر ڏينهن ملاقات ڪئي. واپار واري وزارت جي ترجمان مطابق ملاقات ۾ ايس ايم ايز، ٽيڪس سڌارن، صنعتي بنيادي ڍانچي ۽ ڪاروباري آسانين تي ڳالهيون ڪيون. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته حڪومت ايس ايم ايز کي هٿي ڏيڻ ۽ صنعت ڪاري لاءِ ڪاروبار دوست ماحول فراهم ڪندي، غير ضروري ريگيوليٽري رڪاوٽون ختم، ڪاروباري عمل کي وڌيڪ آسان بڻايو ويندو. هن چيو ته ڪاروبار جي رجسٽريشن جو نظام آسان بڻايو پيو وڃي، ٽيڪس نيٽ ۾ توسيع نئين ڪاروبارن جي دستاويزي شموليت سان ٿيندي. هن چيو ته اسٽيٽ بينڪ جي نين ايس ايم اي تعريف ڪاروباري شعبي لاءِ اهم اڳڀرائي آهي. اسلام آباد ۾ جديد ننڍن صنعتي زونز جي قيام جي تجويز غور هيٺ آهي. هن چيو ته ايس ايم ايز لاءِ صنعتي اسٽيٽس پيداوار، روزگار ۽ روانگي واپار ۾ اضافو ڪنداسين. هن چيو ته فوڊ انڊسٽري ۽ اي ڪامرس پاڪستان جي معيشت جا تيزي سان اڀرندڙ شعبا آهن. اسلام آباد ۾ جديد سلاٽر هائوس جي قيام سان حلال گوشت جي روانگي واپار کي هٿي ملندي. لائيو اسٽاڪ ويليو ايڊيشن سان قومي معيشت کي نمايان فائدو ٿيندو. وفاقي وزير چيو ته اسلام آباد چيمبر ننڍن واپاررين ۽ صنعتن لاءِ 100 ايڪڙ تي خاص اڪنامڪ زون قائم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي آهي. 100 ايڪڙ تي ايس ايم اي اسپيشل اڪنامڪ زون جي تجويز جي آجيان ڪيون ٿا. ان حوالي سان عمل جوڳو منصوبو پيش ڪيو وڃي، حڪومت هر ممڪن سهڪار ڪندي.











