اسلام آباد- 27 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، ڪيپٽن راجا محمد سرور شهيد (نشان حيدر) کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته هن وطن جي دفاع لاءِ بي مثال جرئت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪيو، اها قرباني پاڪ فوج جي عظيم روايتن جو روشن باب آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪيپٽن راجا محمد سرور شهيد (نشان حيدر) جي 78 هين ورسي جي …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران ڪيپٽن راجا محمد سرور شهيد (نشان حيدر)کي خراج عقيدت پيش

مزید خبریں
اسلام آباد- 27 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، ڪيپٽن راجا محمد سرور شهيد (نشان حيدر) کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته هن وطن جي دفاع لاءِ بي مثال جرئت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪيو، اها قرباني پاڪ فوج جي عظيم روايتن جو روشن باب آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪيپٽن راجا محمد سرور شهيد (نشان حيدر) جي 78 هين ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته 27 جولاءِ 1948ع تي آزاد ڪشمير ۾ مادرِ وطن جو دفاع ڪندي ڪيپٽن راجا محمد سرور شهادت ماڻي. ڪيپٽن راجا محمد سرور شهيد نشان حيدر جو اعزاز ماڻيندڙ پهريون شهيد آهي، شهيدن جون قربانيون پاڪستان جي آزادي، خودمختياري ۽ سلامتي جي ضمانت آهن. هن چيو ته قوم پنهنجي عظيم شهيدن جي قربانين کي هميشه احترام ۽ عقيدت سان ياد رکندي، ڪيپٽن راجا محمد سرور شهيد جو ايثار جو جذبو، فرض شناسي ۽ حب الوطني نئين نسل لاءِ مشعل راهه آهي، پاڪ فوج هميشه وطن جي دفاع لاءِ لازوال قربانيون پيش ڪيون آهن. هن چيو ته وطن جي دفاع لاءِ جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ شهيد قوم جو فخر آهن، شهيدن جي عظيم قربانين جي ڪري پاڪستان اڄ محفوظ ۽ مضبوط آهي. اسپيڪر سردار اياز صادق ڪيپٽن راجا محمد سرور شهيد (نشان حيدر) جي درجن جي بلندي لاءِ دعا پڻ ڪئي.











