فتنه الهندستان جي دهشتگرد عثمان سان خاندان پاران لاتعلقي جو اظهار

اسلام آباد - 27 جولاءِ (اي پي پي) فتنه الهندستان جي دهشتگرد عثمان سان سندس خاندان لاتعلقي جو اعلان ڪيو آهي. تفصيل موجب فتنه الهندستان جي دهشتگردن سان سندس خاندان به عام نفرت ۽ لاتعلقي جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي. دهشتگرد عثمان جي والده تربت پريس ڪلب ۾ ٻڌايو ته ڪجهه عرصو اڳ عثمان پنهنجي مرضي سان پنهنجي گهر ۽ خاندان کان الڳ ٿي ويو هو، ان کان پوءِ مون …

اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) فتنه الهندستان جي دهشتگرد عثمان سان سندس خاندان لاتعلقي جو اعلان ڪيو آهي. تفصيل موجب فتنه الهندستان جي دهشتگردن سان سندس خاندان به عام نفرت ۽ لاتعلقي جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي. دهشتگرد عثمان جي والده تربت پريس ڪلب ۾ ٻڌايو ته ڪجهه عرصو اڳ عثمان پنهنجي مرضي سان پنهنجي گهر ۽ خاندان کان الڳ ٿي ويو هو، ان کان پوءِ مون سان رابطي ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي، جڏهن ته مان ساڻس ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ڪئي. منهنجو، منهنجي مڙس ۽ عثمان جي ڀينرن ڀائرن جو ان سان ڪنهن به قسم جو ڪو به تعلق ناهي. عثمان پنهنجي سمورن ذاتي فيصلن ۽ سرگرمين جو پاڻ ذميوار آهي، جڏهن ته اسان جي خاندان جو ان جي ڪنهن عمل سان ڪو به تعلق ناهي، فتنه الهندستان ۽ فتنه الخوارج جي دهشتگرن سان اسان جو خاندان ساڻن لاتعلقي جو اظهار ڪري ٿو ۽ عوام دهشتگردي جي ناسور جو خاتمو چاهي ٿو.

مزید خبریں