اسلام آباد- 27 جولاءِ (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. سومر ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 62 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 1 لک 81 هزار 300 ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 49 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو …
درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري

مزید خبریں
اسلام آباد- 27 جولاءِ (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. سومر ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 62 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 1 لک 81 هزار 300 ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 49 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 49 هزار 600 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 18 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 18 هزار 600 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 60 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 10 هزار ڪيوسڪ، چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 1 لک 19 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 1 لک 11 هزار 800 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن ۾ تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1531.11 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 4.513 ملين ايڪڙ فوٽ، جڏهن ته منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1189.65 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 3.614 ملين ايڪڙ فوٽ ۽ چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 644.00 فوٽ بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 0.112 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو. بيراجن ۾ پاڻي جي صورتحال موجب گڊو بيراج ۾ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 82 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 2 لک 44 هزار 900 ڪيوسڪ، سکر بيراج ۾ پاڻي جي آمد هڪ لک 70 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ هڪ لک 14 هزار 300 ڪيوسڪ، ڪوٽڙي ۾ پاڻي جي آمد 46 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 4 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.











