پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي جو رجحان

اسلام آباد- 27 جولاءِ (اي پي پي) ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ شاندار تيزي ڏسڻ ۾ آئي، جتي سيڙپڪارن جي ڀرپور خريداري سبب ڪي ايس اي – 100 انڊيڪس ۾ 5 هزار کان وڌيڪ پوائنٽس جو نمايان اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. ڪاروبار جي شروعات تي 100 انڊيڪس 5100 کان وڌيڪ پوائنٽس وڌي هڪ لک 76 هزار 200 پوائنٽس جي سطح تي پهچي ويو، جنهن سان مارڪيٽ …

اسلام آباد- 27 جولاءِ (اي پي پي) ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ شاندار تيزي ڏسڻ ۾ آئي، جتي سيڙپڪارن جي ڀرپور خريداري سبب ڪي ايس اي – 100 انڊيڪس ۾ 5 هزار کان وڌيڪ پوائنٽس جو نمايان اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. ڪاروبار جي شروعات تي 100 انڊيڪس 5100 کان وڌيڪ پوائنٽس وڌي هڪ لک 76 هزار 200 پوائنٽس جي سطح تي پهچي ويو، جنهن سان مارڪيٽ ۾ سيڙپڪارن جي اعتماد جي بحالي ۽ هاڪاري ڪاروباري رجحان واضح طور تي سامهون آيو. ماهرن مطابق ڪاروباري هفتي جي شروعات تي مارڪيٽ ۾ هاڪاري رجحان جو وڏو سبب سيڙپڪارن جو اعتماد، معاشي انگن اکرن ۾ بهتري جي اميدن ۽ مختلف شعبن ۾ خريداري جو وڌڻ آهي.

مزید خبریں