واشنگٽن- 27 جولاءِ (اي پي پي) وچ اوڀر ۾ مقرر سينيئر آمريڪي ڪمانڊر ايڊمرل ڪوپر، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي مشورو ڏنو آهي ته آبناءِ هرمز ويجهو ايراني هدفن تي حملا هاڻي ڪارائتا ناهن رهيا. پرڏيهي ميڊيا جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته يو ايس سينٽرل ڪمانڊ جي سربراهه ايڊمرل ڪوپر مبينا طور تي ٽرمپ کي ٻڌايو آهي ته علائقي ۾ بمباري لاءِ مقرر ڪيل هدف ڪيتري حد تائين …
آبناءِ هرمز ويجهو ايراني هدفن تي حملا هاڻي ڪارائتا ثابت ناهن ٿيا: آمريڪي فوج جو صدر ٽرمپ کي مشورو

مزید خبریں
واشنگٽن- 27 جولاءِ (اي پي پي) وچ اوڀر ۾ مقرر سينيئر آمريڪي ڪمانڊر ايڊمرل ڪوپر، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي مشورو ڏنو آهي ته آبناءِ هرمز ويجهو ايراني هدفن تي حملا هاڻي ڪارائتا ناهن رهيا. پرڏيهي ميڊيا جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته يو ايس سينٽرل ڪمانڊ جي سربراهه ايڊمرل ڪوپر مبينا طور تي ٽرمپ کي ٻڌايو آهي ته علائقي ۾ بمباري لاءِ مقرر ڪيل هدف ڪيتري حد تائين ختم ٿي چڪا آهن، ان ڪري وڌيڪ حملا جاري رکڻ مان ڪو فائدو ناهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ آبناءِ هرمز ۽ ايران ۾ 13 ڏينهن کان جاري بمباري کي جمعي ڏينهن روڪي ڇڏيو هو. ان دوران ٽياڪڙي جي ڪوششن ۾ تيزي جي اطلاعن سان گڏوگڏ ڪيترن ئي آمريڪي خابرو ادارن رپورٽ ڪيو ته آمريڪي صدر وچ اوڀر ۾ ايران جي جوابي ميزائلن ۽ ڊرون حملن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ انٽرسيپٽرز جي ذخيري ۾ کوٽ بابت به فڪرمند آهي، ٻئي پاسي صدر ٽرمپ ان ڳالهه جي ترديد ڪئي ته آمريڪا وٽ بارود جي کوٽ آهي.











