ڪچي تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي رڪارڊ

واشنگٽن- 27 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪا طرفان ايران تي حملا روڪڻ کانپوءِ تيل جي قيمتن ۾ 4 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ٻن هفتن کان جاري حملن ۽ جوابي حملن کانپوءِ گذريل هفتي جي آخر ۾ آمريڪا ۽ ايران طرفان هڪ ٻئي تي حملن کي روڪڻ بعد سومر ڏينهن تيل جي قيمتن ۾ 4 سيڪڙو گهٽتائي ٿي. اها گهٽتائي تڪرار جي سفارتي حل جي اميد ۾ اضافي …

واشنگٽن- 27 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪا طرفان ايران تي حملا روڪڻ کانپوءِ تيل جي قيمتن ۾ 4 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ٻن هفتن کان جاري حملن ۽ جوابي حملن کانپوءِ گذريل هفتي جي آخر ۾ آمريڪا ۽ ايران طرفان هڪ ٻئي تي حملن کي روڪڻ بعد سومر ڏينهن تيل جي قيمتن ۾ 4 سيڪڙو گهٽتائي ٿي. اها گهٽتائي تڪرار جي سفارتي حل جي اميد ۾ اضافي جي نتيجي ۾ ٿي، جنهن سان جنگ بندي ۽ آبناءِ هرمز ۾ جهاز راني ٻيهر شروع ٿيڻ جي اميد پيدا ٿي آهي. سومر ڏينهن برينٽ ڪروڊ جا سودا 3.96 ڊالر يعني 4.1 سيڪڙو گهٽتائي سان 92.82 ڊالر في بيرل ۾ طئي ٿيا. اهڙي طرح يو ايس ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ جا سودا 4.02 ڊالر يعني 4.5 سيڪڙو گهٽتائي سان 85.29 ڊالر في بيرل ۾ طئي ٿيا.