واشنگٽن- 27 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪا جي شهر سياٽل ۾ فوڊ فيسٽول دوران فائرنگ سبب 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ 5 زخمي ٿي پيا. پرڏيهي ميڊيا مطابق سياٽل فائر ڊيپارٽمنٽ ٻڌايو ته فائرنگ جو واقعو گذريل شام تي سياٽل ۾ ”بائٽ آف سياٽل“ فوڊ فيسٽول دوران پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا موقعي تي ئي مارجي ويا، جڏهن ته 5 زخمي ٿي پيا، جن ۾ 2 سالن …
آمريڪي شهر سياٽل فوڊ فيسٽول ۾ فائرنگ، 2 ڄڻا مارجي ويا، 5 زخمي
واشنگٽن- 27 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪا جي شهر سياٽل ۾ فوڊ فيسٽول دوران فائرنگ سبب 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ 5 زخمي ٿي پيا. پرڏيهي ميڊيا مطابق سياٽل فائر ڊيپارٽمنٽ ٻڌايو ته فائرنگ جو واقعو گذريل شام تي سياٽل ۾ ”بائٽ آف سياٽل“ فوڊ فيسٽول دوران پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا موقعي تي ئي مارجي ويا، جڏهن ته 5 زخمي ٿي پيا، جن ۾ 2 سالن جي ٻارڙي، 23 سالن جو نوجوان ۽ 3 عورتون شامل آهن. 4 زخمين کي هاربر ويو ميڊيڪل سينٽر منتقل ڪيو ويو آهي، جتي زخمي عورتن مان هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. فائرنگ جي فوري بعد پوليس ۽ امدادي ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون، علائقي کي خالي ڪرايو ويو ۽ عوام کي سياٽل سينٽر کان پري رهڻ جي هدايت ڪئي وئي. پوليس واقعي جا ڪي به تفصيل جاري ناهن ڪيا.










