رياض- 27 جولاءِ (اي پي پي) سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان ۽ برطانيا جي نئين وزيراعظم اينڊي برنهم ٽيلي فون تي رابطو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب سعودي ولي عهد، وزيراعظم اينڊي برنهم کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪ ڏني ۽ سندس ڪاميابي جي خواهش ظاهر ڪئي. هن ٻنهي ملڪن ۽ ان جي عوام وچ ۾ بهترين لاڳاپن جو به ذڪر ڪيو. برطانوي وزيراعظم ولي عهد شهزاده محمد بن …
سعودي عرب جي ولي عهد ۽ برطانوي وزيراعظم جو رابطو، حوثي مليشيا جي حملن جي مذمت
رياض- 27 جولاءِ (اي پي پي) سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان ۽ برطانيا جي نئين وزيراعظم اينڊي برنهم ٽيلي فون تي رابطو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب سعودي ولي عهد، وزيراعظم اينڊي برنهم کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪ ڏني ۽ سندس ڪاميابي جي خواهش ظاهر ڪئي. هن ٻنهي ملڪن ۽ ان جي عوام وچ ۾ بهترين لاڳاپن جو به ذڪر ڪيو. برطانوي وزيراعظم ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي جذبن جي تعريف ڪئي، هن حوثي مليشيا جي حملن ۽ احمر سمنڊ ۾ فريڊم آف نيويگيشن کي لاڳو خطرن جي مذمت ڪئي. سعودي عرب جي سيڪورٽي ۽ خودمختياري لاءِ برطانيه جي سهڪار جو وجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻڻ سعودي عرب ۽ برطانيا وچ ۾ تعاون جي موجوده شعبن، انهن کي ترقي ڏيڻ ۽ مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.










