آبي گذرگاهن جي سلامتي تي سعودي عرب، قطر ۽ مصر ۾ سياسي مشاورت

رياض- 27 جولاءِ (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان قطر جي پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان ۽ مصر جي پرڏيهي معاملن، هجرت ۽ پرڏيهه ۾ رهندڙ مصري شهرين جي معاملن جي وزير ڊاڪٽر بدر عبدالعاطي سان ڌار ڌار ٽيليفون تي رابطو ڪيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق شهزاده فيصل بن فرحان موجوده حالتن جي اڳڀرائي ۽ تڪرار کي گهٽ ڪرڻ ۽ سفارتي حل کي هٿي …

رياض- 27 جولاءِ (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان قطر جي پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان ۽ مصر جي پرڏيهي معاملن، هجرت ۽ پرڏيهه ۾ رهندڙ مصري شهرين جي معاملن جي وزير ڊاڪٽر بدر عبدالعاطي سان ڌار ڌار ٽيليفون تي رابطو ڪيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق شهزاده فيصل بن فرحان موجوده حالتن جي اڳڀرائي ۽ تڪرار کي گهٽ ڪرڻ ۽ سفارتي حل کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪوششن کي جاري رکڻ جي اهڙن طريقن تي ڳالهيون ڪيون جنهن سان عرب نار ۽ احمر سمنڊ ۾ آبي گذرگاهن جي سيڪورٽي ۽ سلامتي کي يقيني بنائڻ ۽ خطي جي سيڪيورٽي ۽ سلامتي يقيني بڻائڻ ۽ خطي جي سيڪيورٽي ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ ۾ مدد ملي. قطر جي خابرو اداري چيو ته قطر جي پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان پنهنجي سعودي هم منصب شهزاده فيصل بن فرحان سان ٻه طرفي سهڪار جي لاڳاپن ۽ ان جي حمايت ۽ هٿي ڏيڻ جي طريقن جو جائزو ورتو. ٻنهي اڳواڻڻ علاقائي اڳڀرائي خاص طور تي ڪيل سفارتي ڪوششن ۽ تڪرار کي گهٽ ڪرڻ ۽ خطي ۾ سيڪورٽي ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏيل هم آهنگي تي ڳالهيون ڪيون. قطر جي پرڏيهي وزير ڌرين لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي پابندي ڪرڻ ۽ آمريڪا – ايران وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي عمل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن آبناءِ هرمز ۾ جهاز راني جي آزادي جي ضمانت ۽ خطي جي سيڪورٽي کي برقرار رکڻ ۽ حاصل ڪيل ڪاميابين جي حفاظت تي زور ڀريو. هن پنهنجي ملڪ طرف تڪرار کي ختم ڪرڻ ۽ خطي ۾ پائيدار امن حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ جامع معاهدي تائين پهچڻ جي سمورين ڪوششن لاءِ مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪيو.