رياض- 27 جولاءِ (اي پي پي) ڪميونيڪينشز اسپيس اينڊ ٽيڪنالوجي ڪميشن جي هڪ رپورٽ موجب 2025ع ۾ سعودي عرب ۾ موبائل انٽرنيٽ ڊائون لوڊ جي ميڊين اسپيڊ گذريل سال جي 203 ميگا بٽس في سيڪنڊ (ايم بي پي ايس) مان وڌي 216 ايم بي پي ايس ٿي وئي آهي، جنهن سبب مملڪت جي 20 ملڪن ۾ انٽرنيٽ اسپيڊ جي حوالي سان ٽاپ فائيو ۾ شامل ٿي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا …
سعودي عرب موبائل انٽرنيٽ جي رفتار ۾ جي 20 جي ٽاپ فائيو ملڪن ۾ شامل
رياض- 27 جولاءِ (اي پي پي) ڪميونيڪينشز اسپيس اينڊ ٽيڪنالوجي ڪميشن جي هڪ رپورٽ موجب 2025ع ۾ سعودي عرب ۾ موبائل انٽرنيٽ ڊائون لوڊ جي ميڊين اسپيڊ گذريل سال جي 203 ميگا بٽس في سيڪنڊ (ايم بي پي ايس) مان وڌي 216 ايم بي پي ايس ٿي وئي آهي، جنهن سبب مملڪت جي 20 ملڪن ۾ انٽرنيٽ اسپيڊ جي حوالي سان ٽاپ فائيو ۾ شامل ٿي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب سعودي انٽرنيٽ رپورٽ جي پنجين ايڊيشن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ان اڳڀرائي سان مملڪت جي ڊجيٽل انفراسٽرڪچر جي لڳاتار ترقي جي عڪاسي ٿئي ٿي، جڏهن ته ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي پهچ 99.6 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي. رپورٽ موجب 61.3 سيڪڙو انٽرنيٽ صارفين روزانو گهٽ ۾ گهٽ 7 ڪلاڪ آن لائن رهن ٿا، جڏهن ته موبائل ڊيٽا جو ايوريج ماهوار استعمال في ماڻهو 53 گيگا بائٽس (جي بي) تائين پهچي ويو آهي، جيڪو عالمي ايوريج کان اٽڪل ٽي ڀيرا وڌيڪ آهي. فائيو جي نيٽ ورڪ تي ايوريج ڊائون لوڊنگ اسپيڊ 320 ايم بي پي ايس تائين پهچي وئي آهي، جڏهن ته ليٽنسي 24 ملي سيڪنڊ رڪارڊ ڪئي وئي. فڪسڊ انٽرنيٽ جي ايوريج ڊائون لوڊ اسپيڊ 120.4 ايم بي پي ايس کان وڌي 151 ايم بي پي ايس ٿي وئي، جڏهن ته اپ لوڊ اسپيڊ 73 ايم بي پي ايس تائين پهچي وئي ۽ ليٽنسي 8 ملي سيڪنڊ رڪارڊ ڪئي وئي. مملڪت ۾ مجموعي انٽرنيٽ ڊيٽا ٽريفڪ 6 ڪروڙ 90 لک ٽيرا بائٽس تائين پهچي وئي، جنهن مان 56 سيڪڙو مقامي آبادي ۽ 44 سيڪڙو عالمي ٽريفڪ شامل هئي. رپورٽ ۾ روزانو جي زندگي ۾ ڊجيٽل خدمتن جي وڌندڙ استعمال کي به نمايان ڪيو ويوآهي، اٽڪل 45.2 سيڪڙو انٽرنيٽ صارفين مصنوعي ذهانت جا ٽولز استعمال ڪيا. اهي نتيجا اهڙي وقت ۾ سامهون آيا آهن جڏهن سعودي عرب تازو ئي ۾ انٽر نيشنل ٽيلي ڪميونيڪيشن يونين جي 2026ع آءِ سي ٽي ڊولمينٽ انڊيڪس ۾ 159 معيشتن وچ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي آهي.










