دمشق- 27 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيريٽري جنرل انتونيوگوتريس چيو آهي ته شام خلاف لاڳو ڪيل پابندين جو خاتمو ڪيو وڃي . پرڏيهي ميڊيا مطاق اهو مطالبو هن شام جي دوري جي ختم ٿيڻ بعد ڪيو. ان موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل شام خلاف پابندين ۾ نرمي جي آجيان ڪندي ان نئين قدم سان شام لاءِ معاشي سرگرمين جي بحالي ممڪن ٿي سگهندي. هن شام …
شام تي لاڳو سموريون اقتصادي پابنديون ختم ڪيون وڃن: گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل
دمشق- 27 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيريٽري جنرل انتونيوگوتريس چيو آهي ته شام خلاف لاڳو ڪيل پابندين جو خاتمو ڪيو وڃي . پرڏيهي ميڊيا مطاق اهو مطالبو هن شام جي دوري جي ختم ٿيڻ بعد ڪيو. ان موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل شام خلاف پابندين ۾ نرمي جي آجيان ڪندي ان نئين قدم سان شام لاءِ معاشي سرگرمين جي بحالي ممڪن ٿي سگهندي. هن شام خلاف لاڳو ڪيل پابنديون ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. شام ۾ 13 سالن جي گهرو ويڙهه بعد ملڪي معيشت کي نئين طرح سان بهتر بڻائڻ جي ڪوشش جاري آهي. عالمي بئنڪ جي هڪ اندازي مطابق شام جي نئين سر تعمير لاءِ 216 ڊالر گهربل هوندا. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو ته يو اين او ان اهم موقعي تي شام جي عوام سان گڏ آهي. هن عالمي برادري کي به اپيل ڪئي ته شام جي عوام ۽ حڪومت جو ساٿ ڏي ڇو ته شام هن وقت هڪ مشڪل موڙ تي بيٺل آهي. واضع رهي ته گڏيل قومن جي موجوده سيڪريٽري جنرل انتوگوتريس جو شام جو اهو پهريون دورو آهي. ان کان اڳ 2009 ع ۾ ان وقت جي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون شام جو دورو ڪيو هو.









