خيبرپختونخواهه جي گورنر پاران صدر آصف علي زرداري کي سالگرهه جون مبارڪُون

پشاور- 26 جولاءِ (اي پي پي) خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، صدر آصف علي زرداري کي سالگرهه جي مبارڪ پيش ڪندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي پيغام ۾ گورنر چيو ته صدر آصف علي زرداري هڪ مدبر، تجربيڪار ۽ مفاهمت جي سياست تي يقين رکندڙ اڳواڻ آهي، جنهن هر دور ۾ جمهوريت جي استحڪام، آئين جي بالادستي ۽ وفاق جي مضبوطي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو، سندس …

پشاور- 26 جولاءِ (اي پي پي) خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، صدر آصف علي زرداري کي سالگرهه جي مبارڪ پيش ڪندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي پيغام ۾ گورنر چيو ته صدر آصف علي زرداري هڪ مدبر، تجربيڪار ۽ مفاهمت جي سياست تي يقين رکندڙ اڳواڻ آهي، جنهن هر دور ۾ جمهوريت جي استحڪام، آئين جي بالادستي ۽ وفاق جي مضبوطي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو، سندس سياسي بصيرت ۽ قومي يڪجهتي لاءِ خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون. هن چيو ته صدر مملڪت جي قيادت ۾ ملڪ جمهوري استحڪام، آئيني ادارن جي مضبوطي ۽ قومي هم آهنگي طرف اڳڀرائي ڪندو. هن چيو ته پ پ پ قيادت، ڪارڪنن ۽ عوام پاران صدر مملڪت جي سالگرهه تي سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيون ٿا.