سعودي دفاع واري وزير سان ترڪيه ۽ ڏکڻ آفريقا جي هم منصب جو ٽيليفون تي رابطو

رياض- 26 جولاءِ (اي پي پي) سعودي عرب جي دفاع واري وزير شهزاده خالد بن سلمان سان ترڪيه جي هم منصب ياسر گلر ۽ ڏکڻ آفريقا جي هم منصب انجي موتسيڪجا ٽيليفون تي رابطو ڪيو، جنهن دوران دفاعي سهڪار کي مضبوط بڻائڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. ميڊيا رپورٽن موجب ڏکڻ آفريقي هم منصب سان رابطي ۾ سعودي عرب ۽ ڏکڻ آفريقا وچ ۾ عسڪري ۽ دفاعي سهڪار جي امڪانن جو …

رياض- 26 جولاءِ (اي پي پي) سعودي عرب جي دفاع واري وزير شهزاده خالد بن سلمان سان ترڪيه جي هم منصب ياسر گلر ۽ ڏکڻ آفريقا جي هم منصب انجي موتسيڪجا ٽيليفون تي رابطو ڪيو، جنهن دوران دفاعي سهڪار کي مضبوط بڻائڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. ميڊيا رپورٽن موجب ڏکڻ آفريقي هم منصب سان رابطي ۾ سعودي عرب ۽ ڏکڻ آفريقا وچ ۾ عسڪري ۽ دفاعي سهڪار جي امڪانن جو جائزو ورتو ويو جڏهن ته عالمي امن ۽ سلامتي کي برقرار رکڻ لاءِ علائقائي چيلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ گڏيل ڪوششن کي وڌائڻ وارن طريقن تي ڳالهيون ڪيون ويون. سعودي عرب ۽ ترڪيه جي دفاعي وزيرن ٻنهي ملڪن وچ ۾ عسڪري ۽ دفاعي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ انهن کي هٿي وٺائڻ وارن طريقن تي ڳالهيون ڪيون، جڏهن ته علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.