سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران چين جي ڪمپني کي سنڌ ۾ بنيادي ڍانچي ۽ (پي پي پي) منصوبن ۾ سيڙپڪاري جا موقعا ڳولڻ جي دعوت

ڪراچي-24 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چين جي شينڊونگ هاءِ اسپيڊ گروپ ڪمپني لميٽيڊ کي سنڌ ۾ بنيادي ڍانچي ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (پي پي پي) منصوبن ۾ سيڙپڪاري جا موقعا ڳولڻ جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت پرڏيهي سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. اها دعوت وڏي وزير  سي ايم هائوس ۾ شينڊونگ هاءِ اسپيڊ گروپ …

ڪراچي-24 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چين جي شينڊونگ هاءِ اسپيڊ گروپ ڪمپني لميٽيڊ کي سنڌ ۾ بنيادي ڍانچي ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (پي پي پي) منصوبن ۾ سيڙپڪاري جا موقعا ڳولڻ جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت پرڏيهي سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. اها دعوت وڏي وزير  سي ايم هائوس ۾ شينڊونگ هاءِ اسپيڊ گروپ جي چيئرمين زوشيانگ جي اڳواڻي ۾ آيل وفد سان ملاقات دوران ڏني. وفد ۾ ڪمپني جو ڊائريڪٽر وانگ زين رونگ پڻ شامل هو، جڏهن ته تاباني گروپ جي چيئرمين حمزه تاباني، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر حاتم تاباني، ڊائريڪٽرن عبدالواسع تاباني ۽ ارحم تاباني ۽ جنرل مئنيجر ماجد نصير ڪئي. ملاقات ۾ وڏي وزير جي سيڙپڪاري ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ بابت خاص معاون قاسم نويد، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف ۽ چيئرمين سي ايم آءِ ٽي بلال ميمڻ پڻ شرڪت ڪئي.وڏي وزير چين جي وفد ۽ تاباني گروپ کي ڀليڪار ڪندي سنڌ ۾ سيڙپڪاري جي وسيع موقعن کي اجاگر ڪيو ۽ شينڊونگ هاءِ اسپيڊ گروپ کي پي پي پي ماڊل تحت مختلف ترقياتي منصوبن ۾ سنڌ حڪومت سان ڀائيواري جي دعوت ڏني.هن چيو ته رستن، فلاءِ اوورن، پاڻي صاف ڪرڻ وارن منصوبن، سامونڊي پاڻي کي مٺو بڻائڻ وارن پلانٽن، ٽرانسپورٽ جي بنيادي ڍانچي ۽ شهري ترقي جي منصوبن ۾ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت پرڏيهي سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهڪار ۽ سهولتون فراهم ڪري رهي آهي.وفد کي صوبي ۾ جاري بنيادي ڍانچي، ٽرانسپورٽ ۽ شهري ترقي جي منصوبن بابت بريفنگ ڏني وئي. شينڊونگ هاءِ اسپيڊ گروپ جي نمائندن سنڌ جي ترقياتي ايجنڊا ۾ ڀرپور دلچسپي ظاهر ڪئي، جڏهن ته چيني ڪمپني ۽ تاباني گروپ ٻنهي سنڌ حڪومت سان گڏيل منصوبن تي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.ان موقعي تي وڏي وزير چيو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي گڏيل اعتماد ۽ گڏيل خوشحالي جو روشن مثال آهي. هن چيو ته پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ واڌ سان روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا ۽ سنڌ جي معاشي ترقي کي پڻ هٿي ملندي.ملاقات دوران ٻنهي ڌرين بنيادي ڍانچي ۽ عوامي ڀلائي جي منصوبن ۾ تعاون ۽ سيڙپڪاري جا وڌيڪ موقعا ڳولڻ تي اتفاق ڪيو، جڏهن ته چيني وفد سنڌ جي سيڙپڪار دوست پاليسين کي ساراهيندي مستقبل ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں