ڪراچي-24 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي سان ڪراچي ايڊيٽرز ڪلب جي وفد گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت ڪراچي ايڊيٽرز ڪلب جو صدر مبشر مير ڪري رهيو هو. ملاقات دوران آزاد ۽ ذميدار صحافت، قومي ترقي، تعليم کي زور وٺائڻ ،نوجوانن جي ڪارڪردگي جي صلاحيت ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي گورنر …
سنڌ جي گورنر سان ڪراچي ايڊيٽرز ڪلب جي وفد جي گورنر هائوس ۾ ملاقات

مزید خبریں
ڪراچي-24 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي سان ڪراچي ايڊيٽرز ڪلب جي وفد گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت ڪراچي ايڊيٽرز ڪلب جو صدر مبشر مير ڪري رهيو هو. ملاقات دوران آزاد ۽ ذميدار صحافت، قومي ترقي، تعليم کي زور وٺائڻ ،نوجوانن جي ڪارڪردگي جي صلاحيت ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي گورنر سنڌ سيد محمد نهال هاشمي چيو ته آزاد ،ذميدار ۽ هاڪاري صحافت جمهوري معاشري ۽ قومي ترقي لاءِ اڻٽر آهي. هن چيو ته صحافت عوام ۾ شعور ،آگاهي ۽ قومي ايڪي کي هٿي وٺائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته آئين تحت حاصل اختيارن کي عوام جي ڀلائي ۽ صوبي جي ترقي لاءِ ڪتب آڻيندو رهندس. گورنر سنڌ چيو ته وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت ميرٽ جي بنياد تي شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ليپ ٽاپ ورهايا پيا وڃن، جڏهن ته حڪومت تعليمي معيار ۾ وڌيڪ بهتري ۽ نوجوانن کي جديد ٽيڪنالاجي سان آراسته ڪرڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻي رهي آهي. ڪراچي ايڊيٽرز ڪلب جي صدر مبشر مير ٻڌايو ته ڪراچي ايڊيٽرز ڪلب 2017ع کان هڪ اثرائتي ميڊيا ٿنڪ ٽينڪ طور خدمتون نڀائي رهيو آهي. هن چيو ته ڪلب جي انتظام هيٺ هيستائين 100 کان وڌيڪ سيمينار ، مڪالن جا پروگرام ۽ ٻيون تقريبون ٿي چڪيون آهن. گورنر سنڌ ڪراچي ايڊيٽرز ڪلب جي صحافتي ،فڪري ۽ عوامي آگاهي کي هٿي وٺائڻ جي ڏس ۾ ڪيل خدمتن جي واکاڻ ڪندي ان اميد جو اظهار ڪيو ته ڪلب مستقبل ۾ به هاڪاري ۽ تعميري صحافت کي زور وٺائڻ ۾ پنهنجو اثرائتو ڪردار ادا ڪندو رهندو. وفد ۾ نذير لغاري، منظر نقوي، مختار بٽ، حميرا انور، نعيم طاهر، نديم اسرار عثماني ،جاويد ملڪ، نعيم الدين، تظميم جاويد ،علي اصغر ۽ اقبال جميل شامل هئا.










