ڪراچي- 24 جولاءِ(اي پي پي)سنڌ ۾ مون سون جي تيز برساتن جي اڳڪٿي کي نظر ۾ رکندي سنڌ حڪومت سمورن لاڳاپيل ادارن کي هاءِ الرٽ ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي سينيئر وزير، اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ سنڌ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. هن چيو ته سڀني ضلعن، ٽائونز ۽ يو سي انتظاميا کي اسٽينڊ باءِ رهڻ …
سنڌ ۾ مون سون جي تيز برساتن جي اڳڪٿي کي نظر ۾ رکندي سنڌ حڪومت سمورن لاڳاپيل ادارن کي هاءِ الرٽ ڪري ڇڏيو

مزید خبریں
ڪراچي- 24 جولاءِ(اي پي پي)سنڌ ۾ مون سون جي تيز برساتن جي اڳڪٿي کي نظر ۾ رکندي سنڌ حڪومت سمورن لاڳاپيل ادارن کي هاءِ الرٽ ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي سينيئر وزير، اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ سنڌ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. هن چيو ته سڀني ضلعن، ٽائونز ۽ يو سي انتظاميا کي اسٽينڊ باءِ رهڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، جڏهن ته ريسڪيو ادارن ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن کي هنگامي قدمن کي يقيني بڻائڻ لاءِ هدايتون ڏنيون ويون آهن. شرجيل انعام ميمڻ موجب سنڌ حڪومت ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي. هن چيو ته ڳري مشينري، پاڻي ڪڍڻ لاءِ پمپنگ سامان ۽ ٻيا ضروري وسيلا امڪاني طور متاثر ٿيندڙ علائقن ڏانهن منتقل ڪيا پيا وڃن.هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي، ڄامشورو ۽ سکر سميت مختلف هنڌن تي ايمرجنسي ريسپانس سينٽر فعال ڪيا ويا آهن، جڏهن ته سڀني لاڳاپيل کاتن وچ ۾ بهتر رابطن ۽ هم آهنگي کي يقيني بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته جيئن شهرين کي فوري امداد فراهم ڪري سگهجي.شرجيل انعام ميمڻ شهرين کي اپيل ڪئي ته هو شديد برسات دوران غير ضروري طور گهرن کان ٻاهر نڪرڻ کان پاسو ڪن ۽ حفاظتي هدايتن تي مڪمل عمل ڪن.











