برازيل پاران نئين آمريڪي ٽيرف تي ڊبليو ٽي او سان رجوع ڪرڻ جو اعلان

برازيليا-24 جولاءِ(اي پي پي) برازيل آمريڪا طرفان برازيل جي مصنوعات تي 12.5 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي فيصلي کي رد ڪندي چيو آهي ته هو ان معاملي کي عالمي واپاري تنظيم (ڊبليو ٽي او ) ۾ کڻي ويندو.پرڏيهي ميڊيا مطابق برازيل جي حڪومت بيان ۾ سيڪشن 301 تحت ڪيل واپاري جاچ کي من ماني ۽ بنا جواز قرار ڏيندي چيو ته آمريڪا جبري مشقت جي مسئلي تي پنهنجي واپاري ادارن کي تحفظ …

برازيليا-24 جولاءِ(اي پي پي) برازيل آمريڪا طرفان برازيل جي مصنوعات تي 12.5 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي فيصلي کي رد ڪندي چيو آهي ته هو ان معاملي کي عالمي واپاري تنظيم (ڊبليو ٽي او ) ۾ کڻي ويندو.پرڏيهي ميڊيا مطابق برازيل جي حڪومت بيان ۾ سيڪشن 301 تحت ڪيل واپاري جاچ کي من ماني ۽ بنا جواز قرار ڏيندي چيو ته آمريڪا جبري مشقت جي مسئلي تي پنهنجي واپاري ادارن کي تحفظ ڏيڻ جي واپاري پاليسي لاءِ بهاني طور واڌو ٽيرف استعمال ڪيو آهي. بيان ۾ چيو ويو ته آمريڪا انساني حقن ۽ سڄي دنيا جي پورهيتن جي جدوجهد بابت نهايت اهم معاملن کي پنهنجي مقصد لاءِ استعمال ڪيو، جيتوڻيڪ جاچ دوران پنهنجي قانون ۽ ان تي عمل جي نظام بابت سمورا ضروري دستاويز ۽ وضاحتون فراهم ڪيون هيون. برازيل چيو ته هو فوري طور تي پنهنجي گڏيل ڪارروائي جي قانون تحت جوابي قدم کڻندو ۽ ان تڪرار کي ڊبليو ٽي او جي تڪرار جي مڪينزم۾ پيش ڪندو. واضع رهي ته آمريڪا جبري پورهئي خلاف قانون تي موثر عمل نه ٿيڻ جي الزم تحت برازيل سميت ڪيترن ئي ملڪن جي مصنوعات تي نئون ٽيرف لاڳو ڪري ڇڏيو آهي.