نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي ايس سي او جي ميمبر ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان گڏ ڪرغزستان جي صدر سان ملاقات

اسلام آباد- 24 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، شنگھائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان گڏ، ڪرغزستان جي صدر سان چولپون آتا ۾ سندس صدارتي رياستي رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب، نائب وزيراعظم ڪرغزستان جي صدر کي صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ شنگھائي تعاون تنظيم جي …

اسلام آباد- 24 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، شنگھائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان گڏ، ڪرغزستان جي صدر سان چولپون آتا ۾ سندس صدارتي رياستي رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب، نائب وزيراعظم ڪرغزستان جي صدر کي صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ شنگھائي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاس دوران شاندار مهمان نوازي تي سندس ٿورا ادا ڪيا. مُلاقات ۾ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي کانسواءِ شنگھائي تعاون تنظيم جي گڏيل تعاون جي هڪ اهم پليٽ فارم طور تي  اڀرندڙ ڪردار تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان طرفان 27-2026ع جي لاءِ شنگھائي تعاون تنظيم جي چيئرمين شپ سنڀالڻ جي تيارين جي ڏس ۾ ميمبر ملڪن جي وچ ۾ مسلسل تعاون ۽ ويجهو سهڪار تمام گهڻو اهميت جوڳو آهي.

مزید خبریں