گيس دڪانن تي حفاظتي انتظام بھتر ڪرڻ ۾ مصروف آھيون: ايل پي جي ڊيلر ايسوسيئيشن جو جنرل سيڪريٽري

حيدرآباد-23 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ ايل پي جي ڊيلر ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري دانش علي خميس جي ڏينهن حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته گيس دڪانن تي حفاظتي انتظام بھتر ڪرڻ ۾ مصروف آھيون ان سلسلي ۾ ضلعي انتظاميا ۽ پوليس مڪمل تعاون ڪري رهي آهي. ھن چيو ته ايل پي جي گيس ۽ سي اين جي مسافر گاڏين ۾ ڀرڻ تي پابندي آهي جڏھن …

حيدرآباد-23 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ ايل پي جي ڊيلر ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري دانش علي خميس جي ڏينهن حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته گيس دڪانن تي حفاظتي انتظام بھتر ڪرڻ ۾ مصروف آھيون ان سلسلي ۾ ضلعي انتظاميا ۽ پوليس مڪمل تعاون ڪري رهي آهي. ھن چيو ته ايل پي جي گيس ۽ سي اين جي مسافر گاڏين ۾ ڀرڻ تي پابندي آهي جڏھن ته گيس قيمتن تي ضابطو آڻڻ ۽ سلينڊرن جي چڪاس جي ذميواري ضلعي انتظاميا ۽ اوگرا جي آھي. جن کي قدم کڻڻ گھرجن. ھن چيوته ايس ايس پي حيدرآباد ڀتي خور پوليس اھلڪارن خلاف ڪارروائي جو يقين ڏياريو آهي.جڏھن ته ضلعي،تعلقي انتظاميا ۽ سول ڊفينس ڪنھن به قسم جي رشوت وصول نه ٿي ڪري ان قسم جا الزام ڪوڙا آهن. ھن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ايل پي جي گيس جي ڪاروبار کي بچايو وڃي.