ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻي طرفان منافع خوري روڪڻ لاءِ بازارن جي دورن جي هدايت

لاڙڪاڻو-23 جولاءِ (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو  طارق منظور چانڊيو، بيورو آف سپلائي اينڊ پرائسز لاڙڪاڻي جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر کي هدايت ڪئي آهي ته هو منافع خوري جي روڪٿام لاءِ بازارن جا دورا ڪري. ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻي جي هدايتن تي، بيورو آف سپلائي اينڊ پرائسز لاڙڪاڻي جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اسسٽنٽ مختارڪار لاڙڪاڻي سان گڏ لاڙڪاڻي شهر ۾ منافع خوري ۽ گراهڪن جي حقن جي ڀڃڪڙين جي جانچ لاءِ بازارن …

لاڙڪاڻو-23 جولاءِ (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو  طارق منظور چانڊيو، بيورو آف سپلائي اينڊ پرائسز لاڙڪاڻي جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر کي هدايت ڪئي آهي ته هو منافع خوري جي روڪٿام لاءِ بازارن جا دورا ڪري. ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻي جي هدايتن تي، بيورو آف سپلائي اينڊ پرائسز لاڙڪاڻي جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اسسٽنٽ مختارڪار لاڙڪاڻي سان گڏ لاڙڪاڻي شهر ۾ منافع خوري ۽ گراهڪن جي حقن جي ڀڃڪڙين جي جانچ لاءِ بازارن جو دورو ڪيو. ان دوران معمولي ڀڃڪڙي ڪندڙن کي چتاءُ ڏنا ويا، جڏهن ته سنگين ڀڃڪڙين تي نوٽيس جاري ڪندي چيو ويو ته جيڪڏهن هدايتن تي عمل نه ڪيو ويو ته ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.