چين جي پرڏيهي وزير جي آمريڪي هم منصب سان ملاقات، عالمي ۽ علائقائي معاملن تي ڳالهيون

منيلا-23 جولاءِ(اي پي پي) چين جي پرڏيهي وزير  وانگ اي آمريڪي هم منصب مارڪو روبيو سان فلپائن جي گادي واري شهر منيلا ۾ ملاقات ڪئي جنهن  دوران عالمي ۽ علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ميڊيا رپورٽن موجب چين جي پرڏيهي وزير چيو  ته هلندڙ سال چين آمريڪي لاڳاپن لاءِ هڪ اهم سال آهي. ٻنهي ملڪن جي سربراهن بيجنگ ۾ هڪ اهم ۽ ڪامياب ملاقات ڪئي آهي …

منيلا-23 جولاءِ(اي پي پي) چين جي پرڏيهي وزير  وانگ اي آمريڪي هم منصب مارڪو روبيو سان فلپائن جي گادي واري شهر منيلا ۾ ملاقات ڪئي جنهن  دوران عالمي ۽ علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ميڊيا رپورٽن موجب چين جي پرڏيهي وزير چيو  ته هلندڙ سال چين آمريڪي لاڳاپن لاءِ هڪ اهم سال آهي. ٻنهي ملڪن جي سربراهن بيجنگ ۾ هڪ اهم ۽ ڪامياب ملاقات ڪئي آهي جنهن دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعميري اسٽريٽجڪ استحڪام تي مشتمل لاڳاپن جي قيام لاءِ گڏيل طور تي ڪوششون ڪرڻ جو عزم ڪيو ويو. چين جي پرڏيهي وزير آمريڪا جي تازي ناڪاري قول ۽ فعل جي حوالي سان چين جو موقف واضع ڪندي مطالبو ڪيو ته آمريڪا چين جي مرڪزي مفادن جو احترام ڪندي هڪ چين جي اصول تي عمل ڪري، اختلافن ۽ تڪرارن کي اثرائتي طريقي سان سنڀالي ۽ چين جي جائز خدشن کي مناسب طور تي ختم ڪري. ڌرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ طئه ٿيل اهم اتفاق راءِ تي گڏيل طور تي عملدرآمد ڪيو ويندو، سياسي ۽ سفارتي ذريعن جي ڪردار جو اثرائتو استعمال ڪندي ايندڙ مرحلي ۾ اعلي سطح جي مٽاسٽا جي تياري ڪئي وڃي ۽ چين آمريڪا وچ ۾ تعميري اسٽريٽجڪ استحڪام تي مشتمل لاڳاپن جي ٺوس اڳڀرائي کي هٿي وٺرائي وڃي.