سعودي عرب جي پرڏيهي وزير سان قطر، اردن ۽ يونان جي اڳواڻن جو ٽيليفون تي رابطو، علائقائي ڇڪتاڻ تي خيالن جي ڏي وٺ

رياض-23 جولاءِ(اي پي پي)سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان قطر جي وزيراعظم شيخ محمد بن عبدالرحمٰن بن جاسم آل ثاني، اردن جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ايمن الصفدي ۽ يونان جي هم منصب ٽيليفون تي رابطو ڪيو جنهن جيڪري علائقي جي صورتحال ۽ ٻين معاملن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پرڏيهي ميڊيا موجب قطر ۽ اردن جي اڳواڻن سان رابطي ۾ خطي جي …

رياض-23 جولاءِ(اي پي پي)سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان قطر جي وزيراعظم شيخ محمد بن عبدالرحمٰن بن جاسم آل ثاني، اردن جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ايمن الصفدي ۽ يونان جي هم منصب ٽيليفون تي رابطو ڪيو جنهن جيڪري علائقي جي صورتحال ۽ ٻين معاملن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پرڏيهي ميڊيا موجب قطر ۽ اردن جي اڳواڻن سان رابطي ۾ خطي جي صورتحال، ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي، نار عرب ۽ ڳاڙهي سمنڊ ۾ جهازراني جي آزادي يقيني بنائڻ لاءِ جاري ڪوششن، سڄي خطي ۾ سيڪورٽي ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ سفارتي ڪوششن تي هم آهنگي بابت مشوره ڪيا ويا. شهزاده فيصل بن فرحان سان ڳالهين دوران يونان جي هم منصب ٻه طرفن لاڳاپن جو جائزو ورتو ۽ علائقائي صورتحال بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن نار عرب ۽ ڳاڙهي سمنڊ ۾ سيڪيورٽي ۽ فريڊم آف نيويگيشن کي يقيني بڻائڻ جي اهميت تي زور ڀريو.