سعودي ميڊيا فورم جو ڇهون ايڊيشن پهرين فيبروري کان رياض ۾ شروع ٿيندو

رياض- 23 جولاءِ(اي پي پي)سعودي ميڊيا فورم جو ڇهون ايڊيشن پهرين  فيبروري کان 3 فيبروري 2027ع تائين رياض ۾ منعقد ٿيندو. جنهن ۾ دنيا جا ميڊيا سربراهه، پاليسي ساز، ماهر ۽ ٽيڪ ادارا شرڪت ڪندا. پرڏيهي ميڊيا موجب، سعودي عرب جي اطلاعات واري وزير سلمان الدوسري فورم جي سرپرستي تي بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد محمد بن سلمان جو شڪريو ادا ڪيو آهي. هن چيو ته اها حمايت …

رياض- 23 جولاءِ(اي پي پي)سعودي ميڊيا فورم جو ڇهون ايڊيشن پهرين  فيبروري کان 3 فيبروري 2027ع تائين رياض ۾ منعقد ٿيندو. جنهن ۾ دنيا جا ميڊيا سربراهه، پاليسي ساز، ماهر ۽ ٽيڪ ادارا شرڪت ڪندا. پرڏيهي ميڊيا موجب، سعودي عرب جي اطلاعات واري وزير سلمان الدوسري فورم جي سرپرستي تي بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد محمد بن سلمان جو شڪريو ادا ڪيو آهي. هن چيو ته اها حمايت ميڊيا شعبي کي اڳتي وڌائڻ، مملڪت جي عالمي حيثيت کي مضبوط ڪرڻ ۽ گذريل ايڊيشن جي ڪاميابي تي انڊسٽري جي مستقبل جي جوڙجڪ ڪرڻ ۾ مدد ڏيڻ جي عزم کي ظاهر ڪري ٿي. سلمان الدوسري چيو ته فورم ميڊيا ٽرينڊز، معياري قدمن کي هٿي ڏيڻ  ۽ عالمي حصيداري  لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم بڻجي چڪو آهي. اهو ياد رکڻ گهرجي ته سعودي ميڊيا فورم 2026ع کي دنيا جو سڀ کان وڏو ميڊيا ايونٽ قرار ڏنو ويو هيو، جنهن کي گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ درج ڪيو ويو. "ميڊيا ان اي شيپنگ ورلڊ” جي نعري  هيٺ، فورم جي پنجين ايڊيشن ۾ مختلف ملڪن مان 300 مقررن شرڪت ڪئي. فورم ۾ 12  انيشيئيٽوز  جو اعلان ڪيو ويو هيو  جن ۾ سعودي ميڊيا انوويشن ڪيمپ نمايان رهيو. جنهن ۾ ايڊوانس صحافت، سمارٽ ڪنٽينٽ ڪريئيشن ۽ ورچوئل اينڪرز جهڙا شعبا شامل آهن.