بينڪاڪ-23جولاءِ(اي پي پي) ٿائيلينڊ جي ڏکڻ صوبي ناراٿيوات ۾ سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي اڻ ڄاتل هٿيار بندن جي حملي ۾ 5 فوجي اجل جو شڪار ۽ 6 شهري زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب اهو حملو رانگي ۾ چيڪ پوسٽ جي داخلي رستي تي ڪيو ويو. حملو ڪندڙ هڪ پڪ اپ گاڏي ۾ سوار هيا ۽ چيڪ پوسٽ تي فائرنگ ڪرڻ سان گڏو گڏ پائپ بم به اڇلايا جنهن …
ٿائيلينڊ جي سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي هٿيار بندن جو حملو، 5 فوجي اجل جو شڪار، 6 شهري زخمي

مزید خبریں
بينڪاڪ-23جولاءِ(اي پي پي) ٿائيلينڊ جي ڏکڻ صوبي ناراٿيوات ۾ سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي اڻ ڄاتل هٿيار بندن جي حملي ۾ 5 فوجي اجل جو شڪار ۽ 6 شهري زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب اهو حملو رانگي ۾ چيڪ پوسٽ جي داخلي رستي تي ڪيو ويو. حملو ڪندڙ هڪ پڪ اپ گاڏي ۾ سوار هيا ۽ چيڪ پوسٽ تي فائرنگ ڪرڻ سان گڏو گڏ پائپ بم به اڇلايا جنهن کان پوءِ هو فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. رپورٽ موجب حملو ڪندڙن جو انگ 6 هيو، سيڪورٽي فورسز جوابدارن جي ڳولا لاءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪيو آهي. اختيارين سمورين چيڪ پوسٽ تي هاءِ الرٽ جاري ڪندي سيڪيورٽي جا سخت ترين قدم لاڳو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ٻئي پاسي ٿائيلينڊ جي وزيراعظم انوتين چرنو يراڪول ادارن کي پنهنجون ذميواريون بهتر انداز ۾ انجام ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ڏکڻ پاسي سرحدي صوبن ۾ امن ڳالهين جو عمل جاري رکيو ويندو.











