چين جو يورپي ڪميشن پاران اي ڪامرس پليٽ فارم تي ڏنڊ لڳائڻ تي سخت ڳڻتي جو اظهار

بيجنگ _23 جولاءِ (اي پي پي)چين يورپي ڪميشن طرفان چين جي اي ڪامرس پليٽ فارم علي ايڪسپريس تي ڏنڊ لڳائڻ جي قدم کي رد ڪندي ان تي شديد ناراضگي ۽ ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق چين جي واپار واري وزارت جي ترجمان يورپي ڪميشن طرفان چيني اي ڪامرس پليٽ فارم علي ايڪسپريس تي ڏنڊ جي حوالي سان گذريل ڏينهن صحافين جي سوالن جي جواب ۾ چيو ته …

بيجنگ _23 جولاءِ (اي پي پي)چين يورپي ڪميشن طرفان چين جي اي ڪامرس پليٽ فارم علي ايڪسپريس تي ڏنڊ لڳائڻ جي قدم کي رد ڪندي ان تي شديد ناراضگي ۽ ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق چين جي واپار واري وزارت جي ترجمان يورپي ڪميشن طرفان چيني اي ڪامرس پليٽ فارم علي ايڪسپريس تي ڏنڊ جي حوالي سان گذريل ڏينهن صحافين جي سوالن جي جواب ۾ چيو ته چيني ڌرين لاڳاپيل صورتحال جو نوٽيس ورتو آهي ۽ چين ان تي شديد ناراضگي ۽ ڳڻتي جو اظهار ڪري ٿو . هن چيو ته چين يورپي اختيارين جي ان قدم جي شديد مخالفت ڪري ٿو ته هو پليٽ فارم جي نگراني جي بهاني ڊجيٽل رڪاوٽون قائم ڪري ۽ اڻبرابري جا قدم کڻندي يورپ ۾ چيني اي ڪامرس ڪمپنين جي معمول جي ڪاروبار کي محدود ڪري ۽ ان تي دٻاءَ وجهي. چين يورپي ڌر کان مطالبو ڪري ٿو ته هو قانوني قلم جو فائدو کڻي پنهنجن اختيارن جو ناجائز استعمال ڪرڻ بند ڪري ۽ چيني ڪمپنين سان منصفاڻو ۽ غير جانبداراڻو ورتاءُ ڪري. چين جي ترجمان چيو ته چين پنهنجي ڪمپنين جي قانوني حق جي تحفظ لاءِ هر ممڪن حمايت جاري رکندو ۽ ڪاروباري ادارن جي مفادن جي تحفط لاءِ موثر قدم کڻندو رهندو.

مزید خبریں