بغداد-23 جولاءِ(اي پي پي) ايران جنگ سبب فيبروري جي آخر تائين عراق کي ان جي ڪچي تيل جي آمدني واپار ۾ گهٽتائي سبب 40 کان 45 ارب ڊالرن جو نقصان ٿي چڪو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب عراق جي وزيراعظم جي مالياتي صلاحڪار مظهر صالح ٻڌايو آهي ته ايران خلاف آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ دوران عراق کي ڪچي تيل جي آمدني ۾ گهٽ ۾ گهٽ 40 بلين ڊالر جو نقصان …
ايران جنگ سبب تيل جي آمدني ۾ 40 ارب ڊالرن جو نقصان ٿي چڪو آهي: عراق

مزید خبریں
بغداد-23 جولاءِ(اي پي پي) ايران جنگ سبب فيبروري جي آخر تائين عراق کي ان جي ڪچي تيل جي آمدني واپار ۾ گهٽتائي سبب 40 کان 45 ارب ڊالرن جو نقصان ٿي چڪو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب عراق جي وزيراعظم جي مالياتي صلاحڪار مظهر صالح ٻڌايو آهي ته ايران خلاف آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ دوران عراق کي ڪچي تيل جي آمدني ۾ گهٽ ۾ گهٽ 40 بلين ڊالر جو نقصان ٿيو آهي. ايران خلاف آمريڪا اسرائيل جنگ شروع ٿيڻ کان اڳ عراق ۾ ڪچي تيل جي روزاني جي پيداوار اٽڪل 40 لک بيرل هئي جنهن مان اٽڪل 35 لک بيرل تيل روزاني برآمد ڪيو ويندو هو. ايراني نار جي بندش سبب ان رستي ڪچي تيل جي ايڪسپورٽ ۾ گهٽتائي سبب عراق تيل جي پيداور گهٽ ڪرڻ تي مجبور ٿيو آهي. ايراني نار بند ٿيڻ کان پوءِ عراق پاڙيسري ملڪن ترڪي ۽ شام کي صرف ڪجهه مقدار ۾ ڪچو تيل برآمد ڪري سگهيو. عراق جي تيل جي وزير باسم محمد خدير هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي ته ان جي وزارت 7 کان 8 بلين ڊالرن تائين محصول قومي خزاني ۾ جمع ڪرايا هئا جڏهن ته هاڻي اسان جو حصو گهٽجي صرف ڏيڍ ارب ڊالر رهجي ويو هو.










