بيجنگ- 23 جولاءِ (اي پي پي) چين چيو آهي ته سمورن ملڪن کي ڊجيٽل ۽ انٽيليجينٽ ٽيڪنالاجي جي ترقي جو رستو پاڻ چونڊڻ جو حق حاصل آهي. ميڊيا رپورٽن موجب چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان لين جيان گذريل ڏينهن پريس ڪانفرنس دوران سمورن ملڪن جي ڊجيٽل خودمختياري جي احترام تي زور ڀريندي چيو ته هر ملڪ کي اهو حق حاصل آهي ته هو پنهنجي قومي حالتن موجب مصنوعي ذهانت …
سمورن ملڪن کي ڊجيٽل ۽ انٽيليجينٽ ٽيڪنالاجي جي ترقي جو رستو پاڻ چونڊڻ جو حق حاصل آهي: چين

مزید خبریں
بيجنگ- 23 جولاءِ (اي پي پي) چين چيو آهي ته سمورن ملڪن کي ڊجيٽل ۽ انٽيليجينٽ ٽيڪنالاجي جي ترقي جو رستو پاڻ چونڊڻ جو حق حاصل آهي. ميڊيا رپورٽن موجب چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان لين جيان گذريل ڏينهن پريس ڪانفرنس دوران سمورن ملڪن جي ڊجيٽل خودمختياري جي احترام تي زور ڀريندي چيو ته هر ملڪ کي اهو حق حاصل آهي ته هو پنهنجي قومي حالتن موجب مصنوعي ذهانت سميت ڊجيٽل ۽ ذهين ٽيڪنالاجي جي ترقي جو رستو اختيار ڪري ۽ مصنوعي ذهانت، ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعات ۽ خدمتن جي چونڊ ۾ پڻ مڪمل اختيار رکي. واضع رهي ته سائبر خودمختياري کان پوءِ عالمي سائبر گورننس جي حوالي سان چين پاران پيش ڪيل اهو هڪ اهم اصول آهي.










