منيلا- 23 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار منيلا ۾ ٿيندڙ آسيان ريجنل فورم 2026ع جي موقعي تي نيوزيلينڊ جي پرڏيهي وزير ونسٽن پيٽرز سان ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو ورتو ۽ واپار، سيڙپڪاري، راندين ۽ عوامي سطح تي رابطن جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هنن ادارتي …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي نيوزيلينڊ جي پرڏيهي وزير ونسٽن پيٽرز سان ملاقات

مزید خبریں
منيلا- 23 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار منيلا ۾ ٿيندڙ آسيان ريجنل فورم 2026ع جي موقعي تي نيوزيلينڊ جي پرڏيهي وزير ونسٽن پيٽرز سان ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو ورتو ۽ واپار، سيڙپڪاري، راندين ۽ عوامي سطح تي رابطن جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هنن ادارتي رابطن، باقاعده رابطن ۽ اعليٰ سطح جي مٽاسٽا کي هٿي ڏيڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. ملاقات دوران علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پُڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نيوزيلينڊ جي پرڏيهي وزير ونسٽن پيٽرز تازي آمريڪا ۽ ايران ڇڪتاڻ دوران پاڪستان جي لاڀائتي ڪردار ۽ ڳالهه ٻولهه، ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ خطي ۾ امن جي فروغ لاءِ سندس ڪوششن کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل رابطا برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.











