نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي منيلا ۾ آسٽريليا جي پرڏيهي وزير سينيٽر پيني وونگ سان ملاقات

منيلا- 23 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار آسيان ريجنل فورم جي موقعي تي منيلا ۾ آسٽريليا جي پرڏيهي وزير سينيٽر پيني وونگ سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب، ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ باقاعده اعليٰ سطحي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي پنهنجي عزم کي …

منيلا- 23 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار آسيان ريجنل فورم جي موقعي تي منيلا ۾ آسٽريليا جي پرڏيهي وزير سينيٽر پيني وونگ سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب، ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ باقاعده اعليٰ سطحي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايو. ملاقات دوران علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي پُڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آسٽريليا جي پرڏيهي وزير ڳالهين جي فروغ ڏيڻ ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي لاءِ پاڪستان جي تعميري ڪردار کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ تازي ڇڪتاڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پائيدار امن، استحڪام ۽ سلامتي حاصل ڪرڻ لاءِ ڳالهه ٻولهه، سفارتڪاري ۽ عالمي قانونن جو احترام ضروري آهي.









 
مزید خبریں