سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ اجلاس، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ يونٽ کي پرائيويٽ لميٽيڊ ڪمپني ۾ منظم ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي- 22 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (پي پي پي) يونٽ کي پرائيويٽ لميٽيڊ ڪمپني ۾ نئين سر منظم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن صوبي ۾ ترقي جي ايندڙ مرحلي لاءِ وڌيڪ خودمختيار، واپاري طور چست ۽ سيڙپڪاري تي ٻڌل پي پي پي ايڪو سسٽم تيار ڪري سگهجي. اهو فيصلو اربع ڏينھن وزيراعليٰ هائوس ۾ وڏي وزير جي …

ڪراچي- 22 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (پي پي پي) يونٽ کي پرائيويٽ لميٽيڊ ڪمپني ۾ نئين سر منظم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن صوبي ۾ ترقي جي ايندڙ مرحلي لاءِ وڌيڪ خودمختيار، واپاري طور چست ۽ سيڙپڪاري تي ٻڌل پي پي پي ايڪو سسٽم تيار ڪري سگهجي. اهو فيصلو اربع ڏينھن وزيراعليٰ هائوس ۾ وڏي وزير جي صدارت هيٺ هڪ اجلاس ۾ ڪيو ويو. وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي ته سنڌ جو پي پي پي پروگرام پاڪستان جي هڪ اهم صوبائي (سب نيشنل) پي پي پي اقدام طور اڀري آيو آهي، جنهن ۾ رستن ۽ پلن، ٽرانسپورٽ، اقتصادي زونز، انفارميشن ٽيڪنالاجي، توانائي، پاڻي، چوپائي مال، تعليم، صحت ۽ ماحوليات جي شعبن ۾ منصوبن جو هڪ وڌندڙ پورٽ فوليو شامل آهي. هن پروگرام کي گڏيل قومن جي اقتصادي ڪميشن براءِ يورپ پي پي پي فورم ۽ ”دي ايسٽ انفراسٽرڪچر اوارڊز“ سميت عالمي پليٽ فارمن تي عالمي مڃتا ملي آهي. سنڌ جي پي پي پي پروگرام کي 2018ع ۾ ”دي اڪنامسٽ“ پاران ايشيا ۾ ڇهين نمبر تي پڻ رکيو ويو هو. پي پي پي يونٽ ان کان علاوه ٻين صوبن کي سندن پي پي پي فريم ورڪ ۽ پروجيڪٽ اسٽرڪچرنگ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ فني ۽ قانوني سهڪار پڻ فراهم ڪيو آهي. اجلاس ۾ چيو ويو ته يونٽ جي پرائيويٽ لميٽيڊ ڪمپني ۾ تبديلي ان کي پي پي پي منصوبن کي وڌيڪ اثرائتي انداز ۾ فروغ ڏيڻ ۽ سهولت فراهم ڪرڻ، حاصل ڪندڙ ايجنسين (پروڪيورنگ ايجنسيز) جي مدد ڪرڻ، کاتيوار پي پي پي نوڊس کي مضبوط ڪرڻ، پاليسيون ۽ هدايتون تيار ۽ لاڳو ڪرڻ، صلاحيتون وڌائڻ ۽ پورٽ فوليو جي ڪارڪردگي جي نگراني ڪرڻ جي قابل بڻائيندي. وڏي وزير هدايت ڪئي ته تجويز ڪيل ادارتي تبديلي کي عملي جامو پارايو وڃي ته جيئن آپريشنل رڪاوٽون ختم ڪري سگهجن، ماهر پيشيوراڻن ماڻهن کي برقرار رکي سگهجي ۽ پي پي پي منصوبن جي تياري ۽ عملدرآمد ۾ تسلسل کي يقيني بڻايو وڃي. هن هڪ مضبوط ادارتي ڍانچي جي ضرورت تي زور ڏنو جيڪو کاتن ۽ عملدرآمد ڪندڙ ايجنسين کي وقت سر فني، مالي ۽ قانوني سهڪار فراهم ڪرڻ جي صلاحيت رکندو هجي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته موجوده پي پي پي يونٽ کي محدود مقابلي واري معاوضي ۽ مراعات جي ڪري ماهر عملي کي برقرار رکڻ ۾ چيلينج درپيش هئا. ڪجهه کاتن ۾ مخصوص پروجيڪٽ امپليمينٽيشن يونٽس ۽ پروجيڪٽ ڊائريڪٽرن جي غير موجودگي پڻ منصوبن جي پهچائڻ جي رفتار ۽ معيار کي متاثر ڪري رهي هئي. تجويز ڪيل پي پي پي پرائيويٽ لميٽيڊ ڪمپني کي اسٽريٽجڪ سرگرميون انجام ڏيڻ، جتي ضرورت هجي اتي ايڪوٽي سيڙپڪاري ڪرڻ، مالي اوزارن جي ذريعي سرمايو متحرڪ ڪرڻ ۽ پروجيڪٽ جي فنانسنگ ۾ مدد ڪرڻ لاءِ وڌيڪ واپاري لچڪ هوندي. اها سرڪاري فنڊنگ کان هٽي ڪري، پنهنجي بورڊ جي منظوري ۽ نگراني جي تابع، متنوع آمدني جا ذريعا پڻ پيدا ڪري سگهندي. وڏي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڪمپني کي مضبوط گورننس، شفاف ڪارڪردگي جي جائزي جي ميڪانيزم ۽ واضح قانوني نگراني سان ڪم ڪرڻ گهرجي. هن هدايت ڪئي ته نئين جوڙجڪ کي صوبائي کاتن ۾ پي پي پي نوڊس کي مضبوط ڪرڻ گهرجي، باصلاحيت آفيسرن کي بااختيار بڻائڻ گهرجي ۽ اهو يقيني بڻائڻ گهرجي ته احتساب تي سمجهوتو ڪرڻ کان سواءِ منصوبن تي ڪم تيزي سان ڪيو وڃي. اجلاس ۾ اهو نتيجو ڪڍيو ويو ته نئين جوڙجڪ سان انتظامي ڪارڪردگي بهتر بنائڻ، جديد فنانسنگ ۾ سهولت ڏيڻ، سيڙپڪارن جي اعتماد کي وڌائڻ ۽ ترقياتي منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. وڏي وزير چيو ته مقصد هڪ اهڙو اهل، پائيدار ۽ جوابدار پي پي پي ادارو قائم ڪرڻ آهي جيڪو سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ بامقصد حصو وٺي سگهي. اجلاس ۾ وڏي وزير جو سيڙپڪاري بابت خاص مددگار سيد قاسم نويد، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، پلاننگ اينڊ ڊيولپمينٽ بورڊ جي چيئرمين نجم شاهه، سيڪريٽري ناڻو فياض جتوئي، ٽرانسپورٽ سيڪريٽري اسد ضامن ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي.