اسلام آباد- 22 جولاءِ (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي تاجڪستان جي سفير يوسف شريف زاده سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ڪاسا 1000 توانائي منصوبي ۽ ان جي مڪمل ٿيڻ بابت اڳڀرائي ۽ واخان ڪوريڊور جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون. اربع ڏينهن گورنر هائوس اسلام آباد مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ پاڪستان ۽ تاجڪستان وچ ۾ سيڙپڪاري ۽ سياحت کي هٿي ڏيڻ تي به ڳالهيون …
خيبرپختونخوا جي گورنر سان تاجڪستان جي سفير جي ملاقات، ڪاسا 1000 توانائي منصوبي جي مڪمل ٿيڻ بابت اڳڀرائي تي ڳالهيون ڪيون
اسلام آباد- 22 جولاءِ (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي تاجڪستان جي سفير يوسف شريف زاده سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ڪاسا 1000 توانائي منصوبي ۽ ان جي مڪمل ٿيڻ بابت اڳڀرائي ۽ واخان ڪوريڊور جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون. اربع ڏينهن گورنر هائوس اسلام آباد مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ پاڪستان ۽ تاجڪستان وچ ۾ سيڙپڪاري ۽ سياحت کي هٿي ڏيڻ تي به ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي گورنر چيو ته پاڪستان ۽ تاجڪستان وچ ۾ واپار کي هٿي ڏيڻ ضروري آهي، ٻئي ملڪ سياحت کي هٿي وٺرائي لاڳاپن کي مضبوط ۽ معيشت کي ترقي ڏئي سگهن ٿا. هن چيو ته تاجڪستان جي رستي وچ ايشيا تائين پهچ جي ثمرن مان خطي فائدو کڻي سگهجي ٿو. گورنر چيو ته ڪاسا 1000 بجلي منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان ملڪ ۾ بجلي جي لوڊ شيڊنگ جي خاتمي ۾ مدد ملندي. گورنر چيو ته پشاور ۽ دوشنبي وچ ۾ سڌي ريت اڏامن جي شروعات ضروري آهي، ان سان ٻنهي ملڪن جي واپارين جا گڏيل رابطا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. مسافرن ۽ ڪارگو اڏامن جي شروعات پاڪستان ۽ تاجڪستان وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ عوامي رابطن کي هٿي ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. ان موقعي تي تاجڪ سفير، گورنر کي ڪاسا 1000 بجلي منصوبي تي جاري اڳڀرائي کان آگاهه ڪندي چيو ته تاجڪستان ڪاسا 1000 منصوبي تحت پنهنجي حدن ۾ تاجڪستان بارڊر تائين ٽرانسميشن لائين مڪمل ڪري چڪو آهي. تاجڪ سفير چيو ته ڪاسا 1000 منصوبي جي ٽرانسميشن لائين صرف 14 ڪلوميٽر حصو باقي آهي. توانائي واري وفاقي وزارت ۽ گورنر مسئلي جي حل ۾ ڪردار ادا ڪندا. هن چيو ته ٽرانسميشن لائين بابت مسئلو حل ٿيڻ کان پوءِ ڪاسا 1000 جي بجلي نوشهره گرڊ تائين پهچائي ويندي. هن چيو ته واخان ڪوريڊور ذريعي تاجڪستان کي چترال رستي پاڪستان سان ملائڻ جو منصوبو خطي ۾ اهم اڳڀرائي ثابت ٿيندو. واخان بارڊر ذريعي واپاري راهداري جو قيام پاڪستان کي وچ ايشيائي ملڪن سان ڳنڍڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. تاجڪ سفير گورنر کي سيپٽمبر ۾ دوشنبي ۾ ٿيندڙ تقريبن ۾ شرڪت جي دعوت به ڏني.












