پشاور- 22 جولاءِ (اي پي پي) پشاور پروونشل ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي(پي ڊي ايم اي) خيبر پختونخوا صوبي جي مٿانهين وارن علائقن ۾ گلشيئر ڍنڍ ڦاٽڻ جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي، پي ڊي ايم اي مطابق 19 کان 25 جولاءِ دوران مٿانهين وارن علائقن ۾ شديد برساتن ۽ فلش فلڊنگ جو خدشو آهي، اٿارٽي طرفان اپر ۽ لوئر چترال، اپر دير، سوات، بحرين، اپر ۽ لوئر ڪوهستان ۽ مانسهره جي …
خيبر پختونخوا جي مٿانهين وارن علائقن ۾ شديد برساتن جو امڪان
پشاور- 22 جولاءِ (اي پي پي) پشاور پروونشل ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي(پي ڊي ايم اي) خيبر پختونخوا صوبي جي مٿانهين وارن علائقن ۾ گلشيئر ڍنڍ ڦاٽڻ جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي، پي ڊي ايم اي مطابق 19 کان 25 جولاءِ دوران مٿانهين وارن علائقن ۾ شديد برساتن ۽ فلش فلڊنگ جو خدشو آهي، اٿارٽي طرفان اپر ۽ لوئر چترال، اپر دير، سوات، بحرين، اپر ۽ لوئر ڪوهستان ۽ مانسهره جي ضلعي انتظاميه کي هاءِ الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي، پي ڊي ايم اي مطابق امڪاني برساتن سبب گليشيئر تيزي سان ڳرڻ ۽ درياهن ۾ پاڻي جي سطح بلند ٿيڻ جو امڪان آهي، ڊزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي مطابق ريسڪيو ادارن کي هنگامي مشينري، عملو ۽ امدادي سامان هر وقت تيار رکڻ جي هدايت جاري ڪئي آهي.












