حيدرآباد لڳ قومي شاهراه تي ڪار آئل ٽينڪر سان ٽڪرائجي وئي، 4 ڄڻا زخمي

حيدرآباد-22 جولاءِ  (اي پي پي) قومي شاهراه تي ڇلگري ٿاڻي جي حد ۾ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ چار ڄڻا زخمي ٿي پيا اهن. روڊ حادثو ان وقت پيش آيو جڏهن هڪ تيز رفتار ڪار اڳيان ويندڙ آئل ٽينڪر سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ڪار جو اڳيون حصو ٽينڪر جي اندر گهڙي ويو. حادثي سبب چئن چڻن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن جن کي سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي. اطلاع ملڻ تي ريسڪيو 1122 جي …

حيدرآباد-22 جولاءِ  (اي پي پي) قومي شاهراه تي ڇلگري ٿاڻي جي حد ۾ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ چار ڄڻا زخمي ٿي پيا اهن. روڊ حادثو ان وقت پيش آيو جڏهن هڪ تيز رفتار ڪار اڳيان ويندڙ آئل ٽينڪر سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ڪار جو اڳيون حصو ٽينڪر جي اندر گهڙي ويو. حادثي سبب چئن چڻن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن جن کي سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي. اطلاع ملڻ تي ريسڪيو 1122 جي ٽيم واقعي واري هنڌ تي پهچي ٽينڪر  اندر ڦاٿل ڪار کي ڳري مشينري  ذريعي ٻاهر ڪڍي ڇلگري ٿاڻي تي منتقل ڪيو جنهن بعد ٽريفڪ جي رواني بحال ٿي وئي.