گڏيل قومون- 22 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان شام جي نئين قيادت طرفان ملڪ کي استحڪام جي رستي تي گامزن ڪرڻ جي ڪوششن کي ساراهيندي عالمي برادري تي زور ڀريو آهي ته اها شام جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جو احترام ڪندي ان جي ڀرپور حمايت ڪري. اها ڳالهه وزيراعظم جي خاص معاون سيد طارق فاطمي شام جي صورتحال بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ۾ …
عالمي برادري شام جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جو احترام ڪندي ان جي ڀرپور حمايت ڪري: پاڪستان
گڏيل قومون- 22 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان شام جي نئين قيادت طرفان ملڪ کي استحڪام جي رستي تي گامزن ڪرڻ جي ڪوششن کي ساراهيندي عالمي برادري تي زور ڀريو آهي ته اها شام جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جو احترام ڪندي ان جي ڀرپور حمايت ڪري. اها ڳالهه وزيراعظم جي خاص معاون سيد طارق فاطمي شام جي صورتحال بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ۾ چئي . هن چيو ته شام جي نئين قيادت ملڪ ۾ استحڪام ، قومي ادارن جي بحالي ۽ خوشحال مستقبل جو بنياد رکڻ لاءِ عزم جو مظاهرو ڪيو آهي، سالن جي تڪرار بعد شام جي عوام جو هاڻي نئون باب شروع ڪرڻ جو موقعو مليو آهي . سيد طارق ڪاظمي چيو ته شام تي لاڳو پابندين جو خاتمو ان جي معاشي بحالي ۽ عالمي برادري ۾ ٻيهر شموليت طرف اهم قدم آهي . پر ضروري آهي ته ان جا عملي فائدا شام جي عوام تائين پهچن . هن چيو ته شام جي سيڪيورٽي صورتحال اڃان به نازڪ آهي ۽ تازا واقعا داعش، پرڏيهي دهشتگرد ويڙهاڪن ۽ ٻين دهشتگرد گروپن کان درپيش خطرن جي نشاندهي ڪن ٿا. هن خبردار ڪيو ته شام کي وسيع علائقائي ڇڪتاڻ جو حصو بڻجن کان بچائڻ ضروري آهي ڇو ته اهڙي صورتحال ملڪ جي استحڪام، نئين سر تعمير ، معاشي بحالي ۽ عوام جي ڀلائي کي متاثر ڪري سگهي ٿي . خصوصي صلاحڪار شام ۾ جاري انساني بحران سان منهن ڏيڻ لاءِ عالمي برادري کان مسلسل تعاون ۽ امداد جاري رکڻ جي اپيل ڪئي.












