گڏيل قومون -22 جولاءِ (اي پي پي) ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ ڪجهه گروهه تيزيءَ سان مربوط نيٽ ورڪس ۽ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪندي غير قانوني ڌوڪي (اسڪيمنگ) ذريعي هڪ اهڙي معيشت جوڙي رهيا آهن جيڪا نهايت تيزي سان پکڙجي رهي آهي جنهن جا اثر ايشيا کان تمام اڳتي تائين محسوس ڪيا پيا وڃن. پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن جي هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته رڳو ڌوڪو (اسڪيمنگ) …
گذريل سال 114.1 ارب ڊالرز ڌوڪي (اسڪيمنگ) ذريعي صارفين کان لٽيا ويا: گڏيل قومون
گڏيل قومون -22 جولاءِ (اي پي پي) ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ ڪجهه گروهه تيزيءَ سان مربوط نيٽ ورڪس ۽ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪندي غير قانوني ڌوڪي (اسڪيمنگ) ذريعي هڪ اهڙي معيشت جوڙي رهيا آهن جيڪا نهايت تيزي سان پکڙجي رهي آهي جنهن جا اثر ايشيا کان تمام اڳتي تائين محسوس ڪيا پيا وڃن. پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن جي هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته رڳو ڌوڪو (اسڪيمنگ) ذريعي 2025ع ۾ عالمي سطح تي 88.3 ارب کان 114.1 ارب ڊالرز تائين لٽيا ويا. گڏيل قومن جي ڏوهن بابت آفيس (يو اين او ڊي سي ) جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته عالمي ڏوهه پهرين وڌيڪ ڏکڻ اوڀر ايشيا تائين محدود هيا پر هاڻي ٻين علائقن تائين پکڙجي ويا آهن جڏهن ته عالمي ڏوهاري گروهه ايشيا ۾ منشيات، انساني سمگلنگ ۽ جنگلي جيوت جي غير قانوني واپار ۾ ملوث آهن. رپورٽ موجب ڏوهاري نئين ٽيڪنالاجيز ذريعي عالمي مالياتي نظام ۾ مني لانڊرنگ ڪري رهيا آهن ۽ مصنوعي ذهانت جو استعمال ڪندي سڄي دنيا ۾ ماڻهن کي نشانو بڻائي رهيا آهن. رپورٽ ۾ هڪ اهم انڪشاف اهو به ٿيو آهي ته ٻارن کي مصنوعي ذهانت ۽ آن لائن گيمنگ ٻنهي کان شديد خطرا لاڳو آهن. ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ پکڙجندڙ اسڪيمر ڪمپائونڊز جنسي اسمگلنگ ۽ ٻارن بابت قابل اعتراض مواد جي خريد ۽ وڪري جا مرڪز بڻجي چڪا آهن. يو اين او ڊي سي موجب مصنوعي ذهانت ذريعي تيار ڪيل ٻارن جي فحش تصويرن ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي، جيڪي خفيه مواصلاتي پليٽ فارم ذريعي شيئر ڪيون پيون وڃن اوڀر ايشيائي ڏوهاري گروهه ميل ويئر، جنريٽو اي آءِ ۽ ڊيپ فيڪس جهڙي ٽيڪنالاجيز استعمال ڪندي جنسي بليڪ ميلنگ ۽ استحصال ۾ ملوث آهن. ان رجحان سبب نه رڳو آن لائن پر حقيقي دنيا ۾ به ٻارن سان زيادتي جا خطرا وڌي رهيا آهن جن ۾ لائيو اسٽريمنگ ذريعي استحصال ۽ متاثرين کي ڦاسائڻ (گرومنگ) جهڙا طريقا شامل آهن. رپورٽ ۾ متاثرين کي نه رڳو جنسي صنعت تائين محدود ناهي رکيو ويندو. انهن کي گهريلو غلامي، جبري طور پنڻ ۽ جبري مشقت جهڙن ٻين استحصالي ڪمن ۾ به ڌڪيو ويندو آهي. سوشل ميڊيا آن لائن گيمنگ ۽ جوئي جي ويب سائيٽس به ٻارن لاءِ خطرو ثابت ٿي رهيون آهن. سروي موجب ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ سوين ٻار ۽ نوجوان آن لائن جوئي ۾ ملوث آهن ۽ انهن مان ڪجهه انهن جا عادي ٿي ويا آهن.












