واشنگٽن -22 جولاءِ(اي پي پي) آمريڪي انتظاميه يوڪرين لاءِ 400 ملين ڊالرن جي فوجي امداد روڪي ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي سينٽر ڊڪ ڊربن انڪساف ڪيو آهي ته آمريڪي انتظاميه ڪانگريس مان منظور ٿيل يوڪرين لاءِاضافي 400 ملين ڊالر جي فوجي امداد فوري طور تي منتقل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي . الينوائي سان تعلق رکندڙ ڊيمو ڪريٽ سينٽر ڊڪ ڊربن ڪانگريس جي اپر وپري ايشنز ڪميٽي جي …
آمريڪا يوڪرين لاءِ 400 ملين ڊالرن جي فوجي امداد روڪي ڇڏي

مزید خبریں
واشنگٽن -22 جولاءِ(اي پي پي) آمريڪي انتظاميه يوڪرين لاءِ 400 ملين ڊالرن جي فوجي امداد روڪي ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي سينٽر ڊڪ ڊربن انڪساف ڪيو آهي ته آمريڪي انتظاميه ڪانگريس مان منظور ٿيل يوڪرين لاءِاضافي 400 ملين ڊالر جي فوجي امداد فوري طور تي منتقل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي . الينوائي سان تعلق رکندڙ ڊيمو ڪريٽ سينٽر ڊڪ ڊربن ڪانگريس جي اپر وپري ايشنز ڪميٽي جي اجلاس دوران چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف جنرل ڊين ڪين سان سوال ڪيو ته ڇا ان کي ان ڳالهه جو علم آهي ته انتظاميه آگاهه ڪيو آهي ته اهو فنڊز ايندڙ صدر جي منصب سنڀالڻ تائين دستياب نه هوندو ان تي جنرل ڊين ڪين جواب ڏنو ته ان کي ڻ حوالي سان ڪا به ڄاڻ ناهي . سينيٽر ڊربن وڌيڪ چيو ته ان خرچ جي موجوده منصوبي موجب ان رقم جي استعمال جي تياري مالي سال 2029 ۾ ڪئي ويندي ان بابت قطعي فيصلو نئون آمريڪي صدر ڪندو . ڀلي اهو ڪير به هجي اهو بيان سينيٽ جي اپر وپري ايشنز ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڏنو ويو جنهن ۾ آمريڪي وزير دفاع پيٽ هيگسته به شريڪ هيو.











