ڪراڪس- 22 جولاءِ (اي پي پي) وينزويلا ۾ گذريل مهيني آيل تباهه ڪن زلزلي جي نتيجي ۾ فوتين جو انگ وڌي 5 هزار 346 ٿي ويون آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ملڪ جي قومي اسيمبلي جي صدر جارج روڊريگيز پنهنجي ٽيلي گرام چينل تي جاري بيان ۾ چيو ته وينزويلا ۾ زلزلن سبب فوتين جو انگ 5 هزار 346 ٿي ويو. روزانو جاري ٿيندڙ سرڪاري رپورٽ مطابق زلزلي ۾ 16 هزار …
وينزويلا ۾ زلزلي سبب فوتين جو انگ وڌي 5 هزار 346 ٿي ويو

مزید خبریں
ڪراڪس- 22 جولاءِ (اي پي پي) وينزويلا ۾ گذريل مهيني آيل تباهه ڪن زلزلي جي نتيجي ۾ فوتين جو انگ وڌي 5 هزار 346 ٿي ويون آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ملڪ جي قومي اسيمبلي جي صدر جارج روڊريگيز پنهنجي ٽيلي گرام چينل تي جاري بيان ۾ چيو ته وينزويلا ۾ زلزلن سبب فوتين جو انگ 5 هزار 346 ٿي ويو. روزانو جاري ٿيندڙ سرڪاري رپورٽ مطابق زلزلي ۾ 16 هزار 740 ڄڻا زخمي ٿيا، جڏهن ته 17 هزار 265 ڄڻا بي گهر ٿي ويا. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته 190 عمارتون مڪمل طور تي تباهه ٿي ويون، جڏهن ته 856 عمارتن کي شديد نقصان پهتو. اختيارين مطابق سرچ اينڊ ريسڪيو ڪارروائين دوران 6 هزار 462 ڄڻن کي حفاظت سان ڪڍيو ويو، جڏهن ته 39 هزار 567 زخمين کي مختلف طبي مرڪز ۾ علاج فراهم ڪيو ويو. وڌيڪ چيو ويو ته متاثر علائقن ۾ 1 لک 28 هزار 324 خاندانن کي امداد ڏني وئي جڏهن ته 23 هزار 122 ڄڻن کي عارضي ڪئمپن ۾ منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته متاثرن لاءِ 10964.97 ٽن خوراڪ به فراهم ڪئي وئي. واضح رهي ته وينزويلا ۾ اهو طاقتور زلزلو 24 جون جي شام آيو هو.











