نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي روسي فيڊريشن جي پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف سان ملاقات

منيلا- 22 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اربع ڏينهن منيلا ۾ 33هين آسيان ريجنل فورم (اي آر ايف) جي وزارتي اجلاس کان اڳ روسي فيڊريشن جي پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف سان ملاقات ڪئي ۽ گهڻ طرفي فورمن تي ٻطرفن رابطن کي مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجايو. پرڏيهي آفيس موجب، ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو …

منيلا- 22 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اربع ڏينهن منيلا ۾ 33هين آسيان ريجنل فورم (اي آر ايف) جي وزارتي اجلاس کان اڳ روسي فيڊريشن جي پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف سان ملاقات ڪئي ۽ گهڻ طرفي فورمن تي ٻطرفن رابطن کي مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجايو. پرڏيهي آفيس موجب، ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو ورتو ۽ واپار، توانائي، ڪنيڪٽيوٽي ۽ ٻين اهم شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ سان گڏوگڏ گهڻ طرفي فورمن تي ٻطرفن رابطن کي مضبوط ڪرڻ جي عزم کي ورجايو. هُنن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان-روس ڀائيواري جي فروغ لاءِ اعليٰ سطحي رابطن جو تسلسل تمام گهڻو اهم آهي. ٻنهي اڳواڻن اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ويجها رابطا برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.

مزید خبریں