نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي بنگلاديش جي پرڏيهي وزير خليل الرحمان سان ملاقات

منيلا- 22 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار منيلا ۾ 33هين آسيان ريجنل فورم (اي آر ايف) جي وزارتي اجلاس جي موقعي تي بنگلاديش جي پرڏيهي وزير ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس لاءِ نئين چونڊيل صدر خليل الرحمان سان ملاقات ڪئي. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس جي مطابق، ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي …

منيلا- 22 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار منيلا ۾ 33هين آسيان ريجنل فورم (اي آر ايف) جي وزارتي اجلاس جي موقعي تي بنگلاديش جي پرڏيهي وزير ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس لاءِ نئين چونڊيل صدر خليل الرحمان سان ملاقات ڪئي. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس جي مطابق، ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ گذريل سال نائب وزيراعظم جي بنگلاديش جي دوري سان ٻطرفن لاڳاپن کي مليل نئين رفتار کي ساراهيو. انهن ٻطرفن رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي گڏيل عزم کي ورجايو. انهن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڌندڙ رابطن سميت عوامي سطح تي وڌندڙ اچ وڃ ۽ هلندڙ سال سڌي طرح اُڏامن جي آغاز کانپوءِ بهتر ٿيندڙ گڏيل رابطي جي آجيان ڪئي ۽ مثبت اڳڀرائي کي برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

مزید خبریں