منيلا- 22 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 33هين آسيان ريجنل فورم (اي آر ايف) جي وزارتي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ وفد سان گڏ فلپائن جي گادي واري هنڌ منيلا پهچي ويو آهي. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس مُوجب نائب وزيراعظم جي دوري دوران سفارتي سرگرمين جو شيڊول طئي آهي، جنهن ۾ اي آر ايف اجلاس ۾ شرڪت ۽ ان موقعي تي مختلف ملڪن …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 33هين آسيان ريجنل فورم (اي آر ايف) جي وزارتي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ منيلا پهچي ويو

مزید خبریں
منيلا- 22 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 33هين آسيان ريجنل فورم (اي آر ايف) جي وزارتي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ وفد سان گڏ فلپائن جي گادي واري هنڌ منيلا پهچي ويو آهي. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس مُوجب نائب وزيراعظم جي دوري دوران سفارتي سرگرمين جو شيڊول طئي آهي، جنهن ۾ اي آر ايف اجلاس ۾ شرڪت ۽ ان موقعي تي مختلف ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ٻطرفيون ملاقاتون شامل آهن. هوائي اڏي تي پهچڻ تي، نائب وزيراعظم جو فلپائن جي پرڏيهي معاملن واري کاتي جي انٽيليجنس اينڊ سيڪيورٽي سروسز جي آفيس جي اسسٽنٽ سيڪريٽري ايلمر جي ڪيٽو، فلپائن ۾ پاڪستان جي سفير عاصمه رباني ۽ پاڪستاني سفارتخاني جي عملدارن استقبال ڪيو.










