ڪراچي- 21 جولاءِ (اي پي پي) ڪراچي جي ميئر بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته برساتي نالن جي صفائي ڪو هڪ دفعي وارو ڪم نه پر چوماسي جي سڄي مند دوران جاري رهندڙ مسلسل آپريشن آهي. هن چيو ته برساتن دوران به مشينري ۽ عملي کي مڪمل طور تي متحرڪ رکيو ويندو ته جيئن ڪنهن به هنڌ تي برساتي پاڻي جي نيڪال ۾ ڪا رڪاوٽ پيدا نه ٿئي. ان مقصد …
برساتي نالن جي صفائي ڪو هڪ دفعي وارو ڪم نه پر چوماسي جي سڄي مند دوران جاري رهندڙ مسلسل آپريشن آهي: ميئر بئريسٽر مرتضيٰ وهاب

مزید خبریں
ڪراچي- 21 جولاءِ (اي پي پي) ڪراچي جي ميئر بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته برساتي نالن جي صفائي ڪو هڪ دفعي وارو ڪم نه پر چوماسي جي سڄي مند دوران جاري رهندڙ مسلسل آپريشن آهي. هن چيو ته برساتن دوران به مشينري ۽ عملي کي مڪمل طور تي متحرڪ رکيو ويندو ته جيئن ڪنهن به هنڌ تي برساتي پاڻي جي نيڪال ۾ ڪا رڪاوٽ پيدا نه ٿئي. ان مقصد لاءِ ميونسپل سروسز کاتي جي عملي جون سموريون موڪلون رد ڪيون ويون آهن، جڏهن ته آفيسر، انجنيئر ۽ لاڳاپيل عملو 24 ڪلاڪ ميدان ۾ موجود رهندو. برساتي نالن جي لاڳيتي صفائي، سمورن چاڪنگ پوائنٽن جي وقت سر صفائي، اثرائتي نگراني ۽ بهتر انتظامي هم آهنگي ذريعي شهرين کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪيو ويندو، جيئن سانوڻي جي برساتن دوران روزاني زندگي معمول مطابق جاري رهي ۽ عوام کي غير ضروري تڪليفن کي منهن نه ڏيڻو پوي. انهن خيالن جو اظهار هن چوماسي جي برساتن کان اڳ شهر ۾ پاڻي جي نيڪال جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ ميونسپل ڪمشنر ابرار احمد جعفر، لاڳاپيل آفيسرن ۽ ميونسپل سروسز کاتي جي ٽيم سان گڏ مختلف برساتي نالن جي تفصيلي دوري دوران ڪيو. ان موقعي تي سينيئر ڊائريڪٽر ميونسپل سروسز حنان ڀٽو شهر ۾ جاري صفائي مهم، پاڻي جي نيڪال جي انتظامن ۽ مختلف ضلعن ۾ برساتي نالن جي صفائي بابت بريفنگ ڏني. ميئر ڪراچي گلاس ٽاور، گرومندر، جهانگير روڊ ۽ ڪريسنٽ ڪالوني جي برساتي نالن جو معائنو ڪيو، جتي هن صفائي جي ڪم، مشينري جي ڪارڪردگي ۽ چاڪنگ پوائنٽن کي فوري طور صاف ڪرڻ لاءِ کنيل قدمن جو جائزو ورتو. گلاس ٽاور واري نالي ۾ رڪاوٽ جي شڪايت تي هن لاڳاپيل آفيسرن کي فوري ڪارروائي ڪرڻ جون هدايتون ڏيندي چيو ته جتي به بندش يا رڪاوٽ جي شڪايت ملي، ان کي ترجيحي بنيادن تي ختم ڪيو وڃي. هن چيو ته چوماسي جي برساتن کي نظر ۾ رکندي ڪراچي جي سمورن وڏن برساتي نالن جي مسلسل صفائي ڪئي پئي وڃي ته جيئن برساتي پاڻي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي سمنڊ تائين پهچي سگهي ۽ شهر جي ڪنهن به حصي ۾ پاڻي بيهڻ جي صورتحال پيدا نه ٿئي.











