سنڌ جي گورنر سان پاور ۽ پبلڪ افيئرز يونٽ بابت مملڪتي وزير عبدالرحمان ڪانجو جي ملاقات

ڪراچي- 21 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي چيو آهي ته عوام کي بنا رنڊڪ، معياري ۽ قابل اعتماد بجلي جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. بجلي بابت عوامي مسئلن جو اثرائتو ۽ ديرپا حل وقت جي اهم ضرورت آهي، جڏهن ته جديد ٽرانسميشن نظام وسيلي توانائي جي شعبي جي ڪارڪردگي بهتر بڻائي عوام کي نمايان رليف فراهم ڪري سگجهي ٿو. انهن …

ڪراچي- 21 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي چيو آهي ته عوام کي بنا رنڊڪ، معياري ۽ قابل اعتماد بجلي جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. بجلي بابت عوامي مسئلن جو اثرائتو ۽ ديرپا حل وقت جي اهم ضرورت آهي، جڏهن ته جديد ٽرانسميشن نظام وسيلي توانائي جي شعبي جي ڪارڪردگي بهتر بڻائي عوام کي نمايان رليف فراهم ڪري سگجهي ٿو. انهن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ڪراچي ۾ پاور ۽ پبلڪ افيئرز يونٽ بابت مملڪتي وزير عبدالرحمان ڪانجو سان ملاقات دوران ڪيو. ان موقعي تي مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب وارو مملڪتي وزير کيئلداس ڪوهستاني پڻ موجود هو. ملاقات ۾ ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ بجلي جي فراهمي، ٽرانسميشن نظام، پاور سيڪٽر جي ڪارڪردگي ۽ بجلي بابت عوامي مسئلن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گورنر چيو ته بجلي جي نظام ۾ بهتري سان نه فقط عوام کي بهتر سهولتون ميسر اينديون پر صنعتي، واپاري ۽ مجموعي معاشي سرگرمين ۾ به اضافو ٿيندو. مملڪتي وزير عبدالرحمان ڪانجو ان موقعي تي چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ ۾ بجلي جي نظام جي بهتري لاءِ هرممڪن قدم کڻي رهي آهي. هن خاطري ڪرائي ته عوام کي بهتر، مستحڪم ۽ بنا رنڊڪ بجلي جي فراهمي هر صورت يقيني بڻائي ويندي.